| آر بي يو ٽي شڪارپور اسپتال نيٺ ٽيچنگ اسپتال قرار |
ڪراچي: سنڌ ڪابينا آر بي يو ٽي شڪارپور اسپتال کي ٽيچنگ اسپتال قرار ڏئي ڇڏيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسپتال کي ضياءُ الدين ميڊيڪل ڪاليج سکر سان ڳنڍيو ويندو اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته آر بي يو ٽي شڪارپور اسپتال کي ٽيچنگ اسپتال جو درجو ملڻ بعد ضياءُ الدين يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ فريم ورڪ تحت انڊر گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪلينيڪل ٽريننگ آسان بڻجي ويندي. ڪابينا پروفيسر ڊاڪٽر سعيد قريشي جي سربراهي ۾ ماهرن جي ڪميٽي جوڙڻ جي به منظوري ڏني جيڪا اسپتال جي ٽيچنگ اداري ۾ تبديلي لاءِ انساني وسيلن، انفراسٽرڪچر، سامان ۽ مالي گهرجن جو جائزو وٺندي.