7 آگسٽ جي ڏينهن عمل ۾ ايندڙ عمران خان جي گرفتاري اچانڪ نه هئي. ان گهڙيءَ جو نه صرف صحافين، سياستدانن، تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ پاڻ ڪپتان کي به تمام گهڻي وقت کان وٺي انتظار هو. ان ڪري هو گذريل هر اردو توڙي انگريزي انٽرويو ۾ پنهنجي ان عزم جو ورجاءُ ڪندو رهندو هو ته، “هو مون کي ڪنهن به وقت ۽ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪري سگهن ٿا ۽ آئون تيار آهيان”.
هو پنهنجي گرفتاريءَ لاءِ تيار هو. اهوئي سبب هو ته هن اڳواٽ ئي پنهنجي اها وڊيو رڪارڊ ڪرائي رکي هئي، جيڪا سوشل ميڊيا تي ان وقت اپلوڊ ڪئي وئي، جڏهن هو اڃان تائين، ان “اٽڪ جيل” نه پهتو هو، جنهن جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته، “اِهو پاڪستان جو اُهو جيل آهي، جنهن جي ياترا هن وقت تائين لٿل يا لاٿل وزير اعظمن مان نواز شريف کانپوءِ عمران خان ئي ڪئي آهي”. عمران خان کي اهڙي “نئين اعزاز” ماڻڻ تي مبارڪباد ته ڏئي نه ٿي سگهجي، ڇو ته جيل پوءِ به جيل آهي. ڀلي ان ۾ سيمينٽ جي عام فرش بدران سفيد سنگ مرمر لڳل هجي. ڀلي ان ۾ کليل هوا جا گهوگهٽ هلندا هجن، پر جيل ته پوءِ به جيل آهي. ڀلي هن عمر ۽ هن حال ۾ روپوش رهڻ وارو شيخ رشيد پنهنجي پنجابي لهجي واري اردوءَ ۾ اهو گسيل پٽيل ڊائلاگ هڻندو هجي ته، “جيل سياستدان جو سسرال آهي”، پر جيل ۾ ڪا اهڙي سيج سجايل نه هوندي آهي، جنهن تي چڙهي ڪنهن کي اهو سڪون ملي سگهي، جيڪو اقتداري ايوان ۾ ايندو آهي. اهوئي سبب آهي ته بنا ورديءَ جي ٻه جنگيون وڙهڻ ۽ سالن جا سال جيل ۾ جالڻ باوجود به هن ڀيري راولپنڊيءَ جي لال حويليءَ جو سياسي شير گرفتار ٿيو هو ته هن جي منهن جو رنگ سرخ بدران زرد ٿي ويو هو ۽ هن کي جڏهن ڪنهن جيڏي جو ڪلهو نه مليو هو ته هو هڪ پوليس واري جي ڪلهي تي مٿو رکي روئندو نظر آيو هو. جڏهن ته عمران خان جي ان تصوير مان اهڙو ڪو تاثر نه پئي مليو، جنهن ۾ هن کي نيري رنگ جي ٽي شرٽ پيل هئي ۽ هن جي سڄيل چهري تي اوجاڳي جا آثار نمايان هئا.
عمران خان تمام گهڻو عيش پسند شخص هجڻ جي باوجود سخت جان انسان به آهي. هن جون اهي تصويرون ۽ وڊيوز جيڪي اڪثر سوشل ميڊيا تي ايئن ترنديون رهنديون آهن، جيئن واهن جي لهرن تي، وڻن جا سڪل ۽ ڇڻيل پن ترندا نظر ايندا آهن. عمران خان انهن تصويرن ۾ عام عوامي هوٽلن جي کٽن تي چيلهه ڊگهي ڪندي نظر ايندو آهي ۽ اهڙين تصويرن کي هن جا پرستار پنهنجي اڃايل اکڙين لاءِ سوکڙيون سمجهندا آهن. جڏهن ته انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته عمران خان بنيادي طور تي ڪرڪيٽ جو رانديگر رهيو آهي. هن کي سائي ميدان مٿان اس ۾ ليٽڻ جي عادت نه ته گهٽ ۾ گهٽ پرئڪٽس ضرور آهي. هن کي مٽيءَ ۾ هٿ وجهڻ ۽ ميري بال کي وات ۾ وڌل آلين آڱرين سان پسائي سندس گرپ کي مضبوظ بڻائڻ ۾ ڪو عيب محسوس نه ٿيندو هو. هر ڪرڪيٽ جو رانديگر ان ماحول ۾ وڏو ٿيو هوندو آهي پر اها اهم ۽ الڳ ڳالهه آهي ته عمران خان پنهنجيون اهي “خوبيون ۽ خصلتون” سياست جي ان دنيا ۾ کڻي آيو، جنهن ۾ گهڻو ڪري اهي اقتدار پرست رهندا آيا آهن، جن جا وجود “ڪک ڇتي، رت نڪري” واري نموني جا رهيا آهن. عمران خان هن وقت به سخت ورڪ آئوٽ (Workout) ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. عمران خان جي مٿان پنهنجي جند جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار ۽ ملڪ جو مشهور ڪالم نگار هارون رشيد وڏي فخر سان چوندو آهي ته، “هو ديسي مرغيءَ کان سواءِ ٻي ڪا مرغي نه کائيندو آهي ۽ جيڪڏهن هو ورزش ڇڏي ڏيندو آهي ته هن جو وزن گهٽجڻ لڳندو آهي”.
اٽڪ جيل ۾ عمران خان کي ديسي ڪڪڙيون ۽ پنهنجي اسٽائل سان رهڻ وارو ماحول ملندو يا نه؟ ان سلسلي ۾ ڪجهه چوڻ ڪجهه مشڪل محسوس ٿي رهيو آهي پر هن جي باري ۾هن جا مخالف به اها حقيقت تسليم ڪرڻ لاءِ ڪنهن حد تائين مجبور هوندا آهن ته هو سخت جانيءَ جو هيراڪ آهي، پر جيل ته پوءِ به جيل آهي. جيڪڏهن عمران خان جي لاءِ جيل مشڪل مقام نه هجي ها ته هو جيل کان ايترو گهڻو پري ڀڄندو نظر نه اچي ها. پر اقتدار طرف ويندڙ واٽ جيل مان ئي گذرندي آهي. ان ڪري هن کي نيٺ ان جيل جي طرف وڃڻو پيو، جنهن طرف هن کي هن جا اصل مخالف به موڪلڻ لاءِ تيار نه هئا، ڇو ته انهن هن کي ڪجهه وقت انگلينڊ جي مست ماحول ۾ گذارڻ جي کليل آفر ڏني هئي ۽ هن کي چيو هو ته هو ڀلي پنهنجي ٻارن ٻچن سان وقت گذاري. پر هن کي ملڪي سياست جو الڳ ٿلڳ مثال ٿيڻو هو. ان ڪري هن اهڙي ڪا آفر قبول نه ڪئي، جنهن جو مطالبو پاڪستان جا روايتي اڳواڻ اقتداري ايوان مان نڪرڻ شرط ڪرڻ لڳندا آهن. جيڪڏهن انهن جو گهر تسليم نه ڪئي ويندي آهي ته هو سمنڊ پار کان به منٿ ميڙ آڻڻ جا اهتمام ڪندا آهن.
عمران خان ۾ تمام گهڻيون عام قسم جون خاميون هجن پر هن ۾ هڪ خاص قسم جي خوبي اها به آهي ته هو ڪنهن به طرح پنهنجن مخالفن جهڙو نظر نه اچڻ چاهيندو آهي. اهو عمران خان جيڪو نيٺ ان مرحلي ۾ به داخل ٿي ويو آهي، جنهن مان نڪرڻ جي هن کي پوري پڪ به آهي. هن کي معلوم هو ته هن خلاف فيصلو ڏئي ولايت جا وڻ وسائڻ وارو جج هن کي ڄاڻي واڻي ان ڏينهن جيل اماڻي رهيو آهي، جنهن ڏينهن ڇنڇر سبب ڪورٽون بند آهن ۽ ٻيو ڏينهن به آچر جو آهي. عمران خان کي اميد ۽ ملڪ جي قانون دانن کي يقين آهي ته هو جيل ۾ ٻن ڏينهن کان وڌيڪ نه رهندو پر هن کي جيل وڃڻ کان وڌيڪ ان ڳالهه جو افسوس ضرور ٿيو ته هو جنهن طرح سان جيل ۾ واڙيو ويو آهي، هن کي پاڻ سان اهڙي سلوڪ جو اندازو نه هو.
9 مئي واري ڏينهن نه پر واقعي واري ڏهاڙي کان پوءِ جهڙي طرح هن جا اڳواڻ ۽ هن جا ڪارڪن نهايت سختيءَ سان کنڀيا ويا ۽ انهن کي جهڙي ريت جيلن ۾ واڙيو ويو، ان بعد عمران خان جي اها تمنا هئي ته هو پوري فلم جي طور نه سهي پر هڪ ٽريلر (Trailer) جي طور تي هن کي به گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن هو به آڱر وڍائي شهيدن ۾ شامل ٿي سگهي. پر هن وقت شڪ جي بنياد تي اهو سوال موجود آهي ته ڇا هن جي اسيري آڱر کي آيل وڍ جيتري وقت جي هوندي؟
پاڪستان جي سلسلي ۾ ڪا به ڳالهه پڪ سان ڪرڻ تمام گهڻي مشڪل قرار ڏني ويندي آهي ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه سياسي نوعيت واري هجي ته پوءِ ان سلسلي ۾ شڪ جي گنجائش تمام گهڻي گهٽجي وڃي ٿي. عمران خان جو اهو پراڻو خواب هو ته جيڪڏهن هن کي ڪڏهن گرفتار ڪيو وڃي ته پورو ملڪ احتجاجي صدائن سان گونجڻ لڳي. جڏهن ته 9 مئي واري واقعي جي سلسلي ۾ عمران خان جو اهو سياسي سپنو هن جو برو خواب (Nightmare) ثابت ٿيو. پر ان کان پوءِ به هو مسلسل ان نقطي تي اصرار ڪندو رهيو ته هن جي گرفتار ٿيڻ جي صورت ۾ عوام کي ٻاهر نڪري احتجاج ڪرڻ گهرجي. هن ڀيري هن احتجاج سان “پرامن” جو لفظ ائين جوڙي ڇڏيو هو، جيئن ڪورونا واري وبا جي ڏينهن ۾ ماسڪ (Mask) سان ٻاهر نڪرڻ کي مشروط ڪيو ويو هو. پر عمران خان کي اهو معلوم ڪري ڪيترو نه ملال ٿيو هوندو ته هن ڀيري هن جي گرفتاريءَ تي ايترا ماڻهو به نه نڪتا، جيترا هن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ روڊن جي ڪنارن تي بيٺل هوندا آهن. پر ڇا ڪجي؟ سياست جي ان مئخاني جو اهو حشر ٿيڻو هو. اهو حشر جنهن کي ڏسي هڪ دل جلي شاعر لکيو آهي:
اب تو اتني ڀي نهين ملتي هي مئه خاني مين،
جتني هم ڇوڙ ديا ڪرتي ٿي پئماني مين
سياست جو سفر به جيون جي سفر وانگر لاهين چاڙهين جو مجموعو آهي. عمران خان جا عقيدتمند اينڪر به هاڻي اها ڳالهه تسليم ڪرڻ لاءِ مجبور آهن ته هن سموري عمر پنهنجي مرضي هلائي آهي. هن جي باري ۾ اهي لفظ پوري اعتماد سان لکي سگهن ٿا ته، “پاڻ وڻندي ڪرت عمران جي پسنديده وندر آهي” پر سياست هڪ اجتماعي عمل آهي ۽ ان عمل ۾ ان مشڪل شغل جي قيمت هر ان ماڻهوءَ کي به ادا ڪرڻي پئي آهي، جنهن کي عمران خان جي قيادت ۾ تبديلي آڻڻ جو شوق هو. عمران خان جي سلسلي ۾ هن وقت عالمي توڙي ملڪي ميڊيا اهو تجزيو ورجائي رهي آهي ته عمران خان جو حشر به اهوئي ٿيو، جيڪو هن ملڪ جي اڪثر وزير اعظمن جو ٿيندو رهيو آهي. جڏهن ته عمران خان کي ڪڏهن به ان ڪلب جو ميمبر ٿيڻ قبول نه هو، جنهن ۾ ميان نواز شريف ۽ سيد يوسف رضا گيلاني موجود آهن. پر چاهڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟ اهو صرف سياست جو ئي نه پر سائنس جو به اصول آهي ته ساڳين عملن جا نتيجا ساڳيا نڪرندا آهن. عمران خان ڀلي پنهنجي زبان سان قبول نه ڪري، حقيقت اها آهي ته هو ڪو انقلابي اڳواڻ نه هو. نه پاڪستان چين آهي ۽ نه هو مائوزيتنگ ۽ نه پي ٽي آءِ ڪميونسٽ پارٽي! عمران خان کي اهڙي اقتدار جي تمنا هئي ۽ اڄ به آهي، جنهن ۾ هو ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ هڪ پيج تي هجن. هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن هن جو اصرار اهو هو ته اسٽيبلشمينٽ هن سان گڏ بيهي پر هاڻي هو پاڻ اسٽيبلشمينٽ سان گڏ بيهڻ لاءِ تيار آهي پر هن کي به ويجهو اچڻ جو موقعو فراهم نه ٿو ڪيو وڃي. هن شارٽ ڪٽ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. هن کي ڪنهن حد تائين ڪاميابي به ملي پر اها ڪاميابي به وقتي ثابت ٿي. هن وقت هو ان واٽ جو مسافر آهي، جنهن ۾ اقتدار لاءِ آزادي ڇڏي اسيري قبول ڪرڻي پوندي آهي.