رتوديرو(ن پ ا) رتيديري وچ شهر ۾ ريسٽ هائوس ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پيرسن مارجي ويو.
مارجي ويل جي سڃاڻپ ڳوٺ وارياسي جي رهواسي محمد رحيم جکراڻي طور ٿي آهي.
رتوديرو پوليس لاش تعلقا اسپتال رتوديرو کڻائي آئي جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
مقتول جي ڀائٽي زاهد جکراڻي ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي برادري وارن سان پراڻو تڪرار هلندڙ هو جنهن سبب منهنجي چاچي کي قتل ڪيو ويو آهي.
جوابدار واقعي واري هنڌ کان فرار ٿي ويا.