آزادي آساني سان ناهي ملندي، سماج حقن لاءِ نه اٿندو ته اهو ئي ٿيندو جيڪو ٿي رهيو آهي: سهيل وڙائچ

ڊسمبر 8, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 17 هين عالمي اردو ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي، آخري ڏينهن ميڊيا جي تاريخ تي ويهڪ ۾ ناليوارن صحافين جي شرڪت ڪانفرنس کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. آرٽس ڪائونسل ۾ آخري ڏينهن پاڪستان ۾ ميڊيا جي تاريخ تي ڳالهائيندي نامياري صحافي سھيل وڙائچ چيو ته دنيا ۾ ڪا به آزادي تحفي طور ناھي ملندي. ماڻهو طاقتور کان پنهنجي آزادي کسين ٿا. اتي ماڻهو ساٿ ڏين  ٿا پر ھتي جڏهن صحافين تي پابنديون لڳيون ته سماج ڪو ساٿ ڏنو؟ جڏهن سماج پنهنجي حقن لاءِ نه اٿندو ته اھو ئي حشر ٿيندو جيڪو اڄ ٿي رھيو آھي جڏهن اسان تي قھر ٽٽو ته جج ۽ سماج اسان کان پري ڀڄي ويو . عاصما شيرازي چيو ته صحافت جي آزادي سان صحافين جون حالتون بدليون آھن. ھاڻي لفافن جو انداز به تبديل ٿي ويو آهي. يوٽيوب ذريعي ڪمائيندڙن صحافت کي به خراب ڪيو آهي. اسان تي به غداري جا الزام لڳندا رھيا آھن.  ھتي ڪئمپ قائم آھن جيڪو وچ ۾ سچ چوڻ وارو آهي ته ان تي اڄ به الزام ۽ گاريون ملن ٿيون.  پوري دنيا ۾ پابنديون لڳنديون رھيون آھن  رياست صحيح صحافت ڪندڙن تي پابندي لڳائي اھو مناسب ناھي. عامل صحافين کي ايڊيٽر مقرر ڪيو وڃي. مظھر عباس چيو ته  درٻار ڪالھه به ھئا درٻار اڄ به آھن . درٻاري وڌي ويا آھن.  1983ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ ماڻهو قتل ٿي پيا ته پنجاب جي 10 صحافين ۽ پروفيسرن چيو ته ھي قتلام بند ڪريو انھن نوڪريون وڃايون.  پي ايف يو جي ڏکڻ پاڪستان جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ به 6 مھينن تائين گڏيل رھي.  ھن ملڪ ۾ اھڙا به سياسي ڪارڪن ھئا جيڪي جئي ڀٽو چوندي ڦاھي چڙھيا. ڊس انفارميشن کي ختم ڪرڻ لاءِ انفارميشن کاتو ختم ڪرڻو پوندو،سڀ کان وڌيڪ صحافي بلوچستان ۾ قتل ٿيا.  2008ع کان مشورو ڏنو ته ميڊيا جي شڪايتن جو ڪو سيل جوڙيو وڃي جنهن ۾ سول سوسائٽي جا ماڻهو شامل ھجن. وسعت الله خان چيو ته ضيا جي زماني ۾ صحافين جا رائيٽ ۽ ليفٽ گروپ ٺھي چڪا ھئا ۽ ھاڻي صحافين جا کوڙ گروپ ٺھي ويا آھن اڄ مقابلو صحافين ۽ ٽائوٽز جي وچ ۾ آھي . اڳ ۾ ميڊيا مالڪان پروفيشنل ھئا. ھاڻي ميڊيا مالڪن چينلز کي ٻين ڪاروبارن جي ڍال طور بڻايو ويو آهي.  منهنجي خيال ۾ ڀٽو پئسن جي حوالي سان ڪرپٽ نه ھو پر ڇا اڄوڪن ماڻهن بابت اھا ڳالهه ڪري ٿا سگهون ؟ جڏهن ان زماني ۾ ھي ميڊيا ھجي ھا ته ڀٽو کي ڦاھي نه ڏني وڃي.

ملڪ ۾ ڄمندڙ هر ٻار 3 لک رپين جو قرضي آهي: پروفيسر خاور

ڪراچي: عالمي اردو ڪانفرنس جي ڪالھه ٽئين ڏينهن جي شروعات ”سلوبِ غزل“ سان ٿي .  مجموعي طور 23 سيشن ٿيا ۽12 ڪتابن جي رونمائي ڪئي وئي . اردو جي نئين آبادي، بلوچي ثقافت ۽ ادب، پاڪستان ۽ ترڪي جا ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا، ڪراچي جا مشهور مصور، ۽ پنجابي ادب ۽ ثقافت تي ڳالهه ٻولهه جا سيشن پڻ ٿيا. اردو تي تنقيد جو سيشن ٿيو  آبادي جي ناقص رٿابندي بابت سيشن ۾ ڳالههائيندي پروفيسر خاور مھدي چيو ته  1971ع ۾ بنگلاديش ٺھڻ وقت مجموعي طور  آبادي 69 ملين ۽پاڪستان جي 65 ملين ھئي.  ھتي پاڪستان جو ھر ڄمندڙ ٻار ٽن لکن جو قرضي آھي .  ڊاڪٽر نگھت شاھ چيو ته گذريل 20 سالن کان گائناڪولوجسٽ  طور ڪم ڪريان پئي پر پاڪستان ۾  خانداني منصوڀا بندي تي ڪو به ماڻهو عمل نٿو ڪري. ماحوليات ۽ گلوبل وارمنگ واري سيشن ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري  سيد آصف حيدر شاھ چيو ته ماحولياتي تبديلين بابت  دنيا ڏاڍو دير سان جاڳي آھي ۽ اسين اڃا تائين ستا پيا آھيون . اسان وٽ وڌندڙ آبادي به ھڪ وڏو چيلينج آھي .

افتخار عارف، پيرزادا قاسم، وصي شاهه ۽ ٻين شاعرن پاران شاعري پيش

ڪراچي: آخر ۾ مشهور شاعر افتخار عارف جي صدارت هيٺ عالمي مشاعرو  پڻ ٿيو . جنهن ۾ پيرزاده قاسم رضا صديقي، حميرا رحمان، عباس تابش، فواد حسن فواد، جاويد صبا، حميده شاهين، فراست رضوي، احمد مبارڪ. خالد عرفان، قمر رضا شهزاد، محبوب ظفر، حارث خليق، وصي شاهه، عقيل دانش، غضنفر هاشمي، وحيد نور، احمد سلمان، عشرت معين سيما، ايڇ خانزاده، پيرزادا سلمان، باسط جليلي، اقبال پيرزادا، رحمان فارس، عمران عامي، شبير نازش، سلمان ثروت، ياسمين ياس، تهمينا رائو، عبدالرحمان مومن ۽ نينا عادل پنهنجي شاعري پيش ڪئي.

نديم، مصطفي قريشي، منور سعيد ۽ شاهد آفريدي به مختلف سيشنز ۾ شريڪ

ڪراچي : مشهور اداڪارن نديم بيگ، منور سعيد ۽ مصطفيٰ قريشي ”مين هون ڪراچي، اي سيشن ود ليجنڊز“ ۾ شريڪ ٿيا. ڪانفرنس ۾ ٿيٽر، ريڊيو، ٽي وي ۽ فلم جي ڪهاڻي، پاڪستان ۾ ميڊيا جي تاريخ تي  پڻ سيشن ٿيا  هڪ شام سلمان گيلاني سان ۽ ”مين هون ڪراچي“ ۾ اهم رانديگر شاهد آفريدي جو هڪ سيشن ٿيو .

Leave A Comment