آزادي ڏهاڙي قومي جهنڊا ڦڙڪائبا ڇا سڄي قوم گرفتار ڪندا: مشتاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خلاف آزاد ڪشمير بابت احتجاج واري ڪيس جي ٻڌڻي ڊيوٽي جج عبدالغفور ڪاڪڙ ڪئي. عدالت اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد جي جسماني ريمانڊ ۾ وڌيڪ 4 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن مشتاق احمد جي 30 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جي نشاندهي تي لٺيون، لائوڊ اسپيڪر ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. جاچ دوران ٻين جوابدارن جو به پتو لڳايو ويو آهي. مشتاق احمد عدالت ۾ چيو ته مان اسرائيل جي جيلن ۾ به رهي چڪو آهيان ۽ مون کي اسرائيلي ججن جي عدالتن ۾ به پيش ڪيو ويو آهي، پوليس بدسلوڪي ڪئي. سڄو ملڪ 14 آگسٽ تي قومي جهنڊو ڦڙڪائيندو، ڇا 14 آگسٽ ملهائيندڙ سڀني شهرين کي گرفتار ڪيو ويندو؟ عدالت مشتاق احمد کي ٻيهر 10 آگسٽ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خلاف شاليمار ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي.