| آزادڪشمير چونڊون: پ پ ۽ ن ليگ ۾ جنگ بعد فائربندي |
مظفرآباد (م ڊ) آزاد ڪشمير جي چونڊن جي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران ٻنهي اتحادي پارٽين جي سينئر اڳواڻ مظفر آباد ۾ ملاقات ڪئي ته جيئن چونڊ ڌانڌلي جي الزامن سبب پيدا ٿيل سياسي بحران تي ڪنٽرول ڪري سگهجي. اها ملاقات ميرپور جي چونڊن کان پوءِ ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري سخت بيانن جي ڏي وٺ کان پوءِ ٿي جنهن ۾ پيپلز پارٽي وڏي پيماني تي بي ضابطگين جو الزام لڳائيندي چونڊ عمل جي ساک تي سوال اٿاريو هو. ذريعن ٻڌايو آهي ته ملاقات جو مقصد انهي تڪراري کي وفاقي اتحادي حڪومت ۾ بنهي پارٽين جي گڏيل لاڳاپن تي اثر انداز ٿيڻ کان روڪڻ هو. ٻڌايو پيو وڃي ته اها ملاقات وفاقي سطح تي ٿيل مشاورت کان پوءِ ترتيب ڏني وئي. اهڙي قدم کي ايوان صدر ۽ وزيراعظم آفيس ٻنهي جي حمايت حاصل هئي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن قمرزمان ڪائره، نديم افضل چن، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل راٺوڙ ۽ نيئر بخاري، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن راڻا ثناءُالله ۽ امير مقام ملاقات ڪئي. اهڙين ڳالهين کان آگاهه ذريعن موجب ٻنهي طرفان اڳواڻن چونڊ مهم جي دوران ۽ ميرپور جي نتيجن جي اعلان کان پوءِ ڏنل بيانن تي هڪ ٻئي جي سامهون کلي پنهنجا خدشا ۽ شڪايتون پيش ڪيون. مسلم ليگ(ن) جي قيادت پيپلز پارٽي کان مطالبو ڪيو ته هو منظم چونڊ ڌانڌلي جي پنهنجن الزامن جي حق ۾ شاهديون پيش ڪري. انهي جي جواب ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن موقف اختيار ڪيو ته اسان جا اعتراض چئن تڪن ايل اي 5، ايل اي 9، ايل اي 11 ۽ ايل اي 12 تي آهن جتي اسان جي خيال ۾ سنگين بي ضابطگيون ٿيون آهن. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن موقف اختيار ڪيو ته جڏهن پيپلز پارٽي پنهنجا اعتراض چئن تڪن تائين محدود رهيا آهن ته انهي جو مطلب آهي ته اسان ٻين سيٽن جي نتيجن کي مڃي ورتو آهي جتي مسلم ليگ(ن) پنج ۽ پيپلز پارٽي چار سيٽون حاصل ڪيون. ذريعن ٻڌايو ته ٻئي ڌريون انهي ڳالهه تي متفق ٿيون ته موجوده سياسي ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌڻ نه ڏيڻ گهرجي ۽ نه ئي آزاد ڪشمير جي چونڊن جي ٻئي مرحلي تي منفي اثر وجهڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي.