پشاور(پنهنجي ڊيسڪ) باجوڙ جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 8 ۽ صوبائي اسيمبلي جي پي ڪي 22 ۾ چونڊ سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن
آزاد اميدوار ريحان زيب خان جي قتل تي سمورين سياسي پارٽين جي اميدوارن پنهنجي چونڊ مهم روڪي ڇڏي آهي
ٻئي پاسي ريحان زيب خان جي چاچي حضرت گل صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته ڀائٽي جي قاتلن جي باري ۾ جن ماڻهن جو نالو ورتو ويو انهن تي اسان جي ڪابه عداوت نه آهي
مقتول ريحان زيب جي جنازي نماز سڀاڻي برشاهه نري ۾ ادا ڪئي ويندي، ياد رهي ته ريحان زيب شاهه کي گذريل ڏينهن چونڊ مهم دوران نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو