| آزاد ڪشمير تڪرار جو حل ڳالهين ۽ مفاهمت ۾ ئي آهي، ڌريون ذميواري جو مظاهرو ڪن: فضل الرحمان |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جو حل ڳالهين ۽ مفاهمت سان ئي ممڪن آهي، ڌريون ذميواري جو مظاهرو ڪن. اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته بدامني ڪنهن به صورت ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، ڪشمير معاملي تي هر ممڪن ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. فضل الرحمان چيو ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڳالهين جو رستو ٺاهڻ جي ضرورت آهي، سمورين سياسي جماعتن کي متحد ٿي ڪوشش ڪرڻي پوندي . هن وڌيڪ چيو ته غير ضروري بيان بازي کان پاسو ڪيو وڃي، حڪومت کي به پنهنجي رويي ۾ لچڪ ڏيکارڻي پوندي. ان موقعي تي صحافين مولانا فضل الرحمان جي ڪشمير معاملي تي ٽياڪڙي واري ڪردار جي ساراهه ڪئي.