ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ نواز شريف ۽ مريم نواز جي بيانن تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته آزاد ڪشمير جا چونڊ نتيجا تاريخ ۾ “فارم 47 پلس” جي نالي سان ياد رکيا ويندا. نواز ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخي ڌانڌلي ذريعي خيراتي مينڊيٽ حاصل ڪيو آهي. عوام 2024 ۾ به نواز ليگ کي رد ڪري ڇڏيو هو، 2026 ۾ به عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جعلي مينڊيٽ ذريعي حڪومت ٺاهي سگهجي ٿي پر عوام ۾ مقبوليت ۽ حقيقي عوامي حمايت حاصل ٿي نٿي سگهي. نواز شريف جو اهو بيان ته کيس پيپلز پارٽي کان شڪايت جي اميد نه هئي، افسوسناڪ آهي. پيپلز پارٽي کان شڪايت ڪرڻ کان اڳ نواز شريف کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته آزاد ڪشمير ۾ سياسي صورتحال ڪيئن پيدا ٿي؟ ھن چيو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به سياسي پارٽي کان دشمني نٿي چاهي ۽ نه ئي ڪڏهن چاهي آهي. جمهوريت جي نالي ۾ ڌانڌلي يا عوامي مينڊيٽ تي اثر انداز ٿيڻ کي قبول نٿو ڪري سگهجي. سياسي مخالفت کي دشمني ۾ تبديل نه ٿيڻ گهرجي، پيپلز پارٽي انهي اصول تي قائم آهي. مريم نواز پاران گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي چونڊن جو مقابلو ڪرڻ صحيح ناهي. پيپلز پارٽي وفاق جي سڀني يونٽن جي حقن، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ ووٽ جي تقدس جي ڳالهه ڪئي آهي. ھن وڌيڪ چيو ته اسان کي سياسي مخالفت سان ڪو مسئلو ناهي، مسئلو تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن طاقت کي عوامي مينڊيٽ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي