آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف سڀاڻي بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف سڀاڻي بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ

مظفرآباد(م ڊ) آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ وزيراعظم چوڌري انوارالحق خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي وئي آهي. چوڌري قاسم مجيد، سردار جاويد ايوب، ملڪ ظفر اقبال ۽ ٻين ميمبرن اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي رٿ جمع ڪرائي. اسيمبلي جو اجلاس سومر 17 نومبر تي 3 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم چوڌري انوارالحق خلاف بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي. پنهنجو وزيراعظم آڻڻ لاءِ، ڪنهن به پارٽي کي اسيمبلي جي گهٽ ۾ گهٽ 27 ميمبرن جي حمايت جي ضرورت هوندي آهي. پيپلز پارٽي وٽ هن وقت اسيمبلي ۾ 17 سيٽون آهن، مسلم ليگ (ن) وٽ 9، پي ٽي آءِ وٽ چار، پي ٽي آءِ فارورڊ بلاڪ (بئريسٽر سلطان گروپ) وٽ ست، پي ٽي آءِ وزيراعظم انور گروپ وٽ اٺ، مهاجر گروپ وٽ چار، جڏهن ته مسلم ڪانفرنس، جي ڪي پي پي ۽ علماءِ مشائخ وٽ هڪ هڪ سيٽ آهي.