آزاد ڪشمير چونڊن جو ٽيون مرحلو: ن ليگ 2 ۽ پ پ هڪ تڪ تي اڳتي

آزاد ڪشمير چونڊن جو ٽيون مرحلو: ن ليگ 2 ۽ پ پ هڪ تڪ تي اڳتي

ميرپور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ چونڊن جي ٽئين مرحلي ۾ 4 تڪن تي ٿيل چونڊن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب مسلم ليگ ٻن، پ پ ۽ عوامي دست بازو  کي هڪ هڪ تڪ تي سرسي حاصل آهي. تفصيل موجب آزاد ڪشمير چونڊن جي ٽئين مرحلي ۾ ٿيل پولنگ بعد ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي جڏهن ته غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب  ايل اي 14 باغ  تي عوامي دست بازو جو ساجد اقبال   40390 ووٽ کڻي اڳتي آهي جڏهن ته  مسلم ڪانفرنس جو سردار عتقيق الرحمان  19029 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي. ايل اي 15باغ تي  پ پ جو ضياءَ قمر  5200 ووٽ کڻي اڳتي آهي جڏهن ته  مسلم ليگ ن جو مشتاق منهاس 2244 ووٽ کڻي  ٻئين نمبر تي آهي ،  ايل اي 16 باغ  مسلم ليگ ن جو سردار  مير اڪبر خان 9243   پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته  پ پ جو  سردار قمر الزمان 7144 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي  ايل اي 17 باغ  مسلم ليگ ن جو چوڌري محسن عزيز 443 ووٽ کڻي اڳتي آهي جڏهن ته اڳوڻو وزير اعظم ۽  پ پ جو اميدوار ممتاز راٺوڙ 344 ووٽ کني ٻئين نمبر تي آهي