| آزاد ڪشمير چونڊن ۾ مسلم ليگ ن کي 7 ۽ پ پ کي 6 تڪن تي سرسي: پولنگ دوران چڪريون: هڪ ڄڻو مارجي ويو |
ميرپور/ڪوٽلي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميرپور: آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پولنگ جي پهرين مرحلي کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي. غير سرڪاري نتيجن موجب، مسلم ليگ (ن) جا اميدوار اڳتي آهن. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊن 2026 جي پهرين مرحلي ۾ ميرپور جي 13 تڪن ۾ ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، غير سرڪاري نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا. چيف اليڪشن ڪمشنر آزاد ڪشمير جي هدايتن تي، ميرپور ڊويزن جي 13 تڪن ۾ شام 6 وڳي تائين پولنگ جاري رهي.. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب مسلم ليگ ن کي 7 ۽ پيپلز پارٽي کي 6 تڪن تي سرسي حاصل هئي. ايل اي 1 ميرپور جي 139 پولنگ اسٽيشنن مان 105 تان غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن مطابق مسلم ليگ ن جو اظهر صادق 12516 ووٽن سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته پي پي پي جو افسر شاهد 7268ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. ايل اي 2 ميرپور جي 149 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پي پي پي جو قاسم مجيد 12952 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پي ايم ايل ن جو عظيم بخش 8252 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آيو. ايل اي 3 ميرپور سٽي جي 161 پولنگ اسٽيشنن مان 131 جي نتيجن موجب پي پي پي جو ياسر سلطان 9361 ووٽن سان پهرين نمبر تي پي ايم ايل ن جو چوڌري سعيد 9100 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. ايل اي 4 ميرپور ۾ 162 مان 6 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن مطابق مسلم ليگ ن جي چوڌري رخسار 2021 ۽ پي پي پي جي صهيب ارشد 1288 ووٽ کنيا ايل اي 5 برنالا ۾ مسلم ليگ ن جو وقار احمد نور 21573 ووٽ کڻي اڳتي آهي جڏهن ته پي پي پي جي چوڌري پرويز اشرف 18406 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي ايل اي 6 ڀمبر ۾ غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن جو چوڌري عبدالرزاق 24967 ووٽن سان پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته اُستحڪام پاڪستان پارٽي جو علي شان 13612 ووٽن سان ٻئين نمبر تي آهي. ايل اي 7 ڀمبر ۾ 237 مان 81 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري نتيجن موجب، مسلم ليگ ن جو چوڌري طارق فاروق 14,560 ووٽن سان پهرين نمبر تي آهي، آزاد اميدوار چوڌري انوارالحق 9,280 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. ايل اي 8 ڪوٽلي ۾غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو ظفر اقبال 18543 ووٽن سان اڳتي آهي، جڏهن ته مسلم ليگ ن جو ملڪ نواز 11093ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. ايل اي 9 ڪوٽلي ۾ 306 مان 17 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن جو عمير نعيم 23568 ووٽن سان اڳتي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو جاويد بڌانوي 15382ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. ايل اي-10 ڪوٽلي جي غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ جو چوڌري ياسين 6999 ووٽ کڻي اڳتي آهي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جو فتح محمود 3560 ووٽن سان سان پوئتي آهي. ايل اي 11ڪوٽلي 4 تي پ پ جو اميدوار چوڌري اخلاق 16000 ووٽ کڻي اڳتي آهي جڏهن ته ن ليگ جي اميدوار محمد آصف 13501 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي ايل اي 12 ڪوٽلي 5 تي پ پ جو محمد ياسين 2613 ووٽ کڻي اڳتي آهي جڏهن ته ن ليگ اميدوار محمد رياست خان 1250 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي موجود آهي ايل اي-13 کوئي رٽا ۾ غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) جو اياز احمد 15431 ووٽن سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جو اميدوار انصار ابدالي 10637ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي ۽ پي پي پي جو وليد انقلابي 8,785 ووٽن سان ٽئين نمبر تي آهي.
نڪيال(م ڊ) آزاد ڪشمير جي تڪ نڪيال ۾ پولنگ جي دوران پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جو ڪارڪن مختيار يونس مارجي ويو جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽن موجب اهو واقعو نڪيال جي ڳوٺ دهيري ۾ پيش آيو جتي پولنگ جي دوران ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن آمهون سامهون ٿي پيا. ڇڪتاڻ وڌڻ تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ مختيار يونس ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي جڏهن ته لاڳاپيل ادارا واقعي جي جاچ ۾ مصروف آهن. پيپلز پارٽي آزاد جمون، ڪشمير اليڪشن سيل جي انچارج سردار عبدالشڪور الزام لڳائيندي چيو ته تڪ ايل اي 9 نڪيال ۾ مسلم ليگ(ن) جي اميدوار سردار عمير نعيم طرفان هٿيارن جي نمائش ۽ عوام کي حراسان ڪرڻ جي واقعي دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪارڪن مختيار يونس ولد ڪامران مارجي ويو. سردار عبدالشڪور چيو ته انهي افسوسناڪ واقعي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. علائقي ۾ امن امان جي صورتحال بحال ڪئي وڃي ۽ ووٽرز جي جان، مال جي تحفظ کي يقيني بنايو وڃي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سردار عمير نعيم ۽ انهي جي ساٿين طرفان هٿيارن جي نمائش ۽ ماڻهن کي خوفزده ڪرڻ جي وڊيو به سامهون اچي چڪي هئي. جيڪڏهن انهي وقت لاڳاپيل ادارا وقت تي ڪارروائي ڪن ها ته اڄ هي افسوسناڪ واقعو پيش نه اچي ها. سردار عبدالشڪور اليڪشن ڪميشن آزاد جمون، ڪشمير، ضلعي انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي فوري جاچ ڪري ذميوار ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن چونڊ عمل پرامن ماحول ۾ ممڪن ٿي سگهي.