آزاد ڪشمير چونڊن ۾ ڪاميابي نواز شريف جي محنت جو نتيجو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد جمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي سمورن ڪامياب اميدوارن کي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪريان ٿو. ڪاميابي جو اهو تسلسل مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف ۽ پارٽي جي سموري ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي. مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي آزاد جمون ۽ ڪشمير جي عوام جي پارٽي جي پاليسين تي اعتماد جو ثبوت آهي. آزاد جمون ۽ ڪشمير جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي مسلم ليگ (ن) جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. آزاد ڪشمير جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ سياسي جماعتن ڀرپور حصو ورتو، جنهن سان جمهوري عمل وڌيڪ مضبوط ٿيندو.