آزاد ڪشمير چونڊ جي  ٻئي مرحلي ۾ اڄ پولنگ، فاروق حيدر، فيصل ممتاز ميدان تي

آزاد ڪشمير چونڊ جي  ٻئي مرحلي ۾ اڄ پولنگ، فاروق حيدر، فيصل ممتاز ميدان تي

مظفرآباد/لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) آزاد ڪشمير ۾ اڄ 2 آگسٽ تي ٻئي مرحلي ۾ چونڊ ٿي رهي آهي جنهن ۾ اهم مقابلا ٿي رهيا آهن. اڳوڻو وزيراعظم فاروق حيدر ن ليگ جي ٽڪيٽ تي، اڳوڻو وزير مشتاق منهاس به ن ليگ جي ٽڪيٽ تي، موجوده وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي رهيو آهي. ان کانسواءِ مهاجرن جي سيٽن تي به چونڊ ٿيندي جنهن ۾ به پولنگ ٿي رهي آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊن لاءِ اتنظام مڪمل ڪيا ويا آهن فوج کي الرٽ رکيو ويو آهي. ٻئي طرف چونڊن جي حوالي سان لاڙڪاڻي ۾ به پولنگ اسٽيشن قائم ڪئي وئي آهي. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ قائم ڪيل پوليس اسٽيشن ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪندي پولنگ بوٿ ٺاهيو ويو آهي. جتي لاڙڪاڻي ۾ ترسيل 2 عورتون ووٽ ڪاسٽ ڪنديون جنهن ۾ شهر جي باقراڻي روڊ سان تعلق رکندڙ عورت ووٽر صائمه پروين زال محمد لطيف ۽ رحمت پور واسڻ سائره بانو زال ناصر حسين شامل آهن. ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻي ۾ ووٽرن جو تعداد ٻه آهي اڄ پولنگ صبح جو 8 شروع ٿيندي، ٻن رجسٽرڊ ووٽن ۾ سميعه پروين ۽ سائره بانو شامل آهن. جڏهن ته پنجاب جي مختلف شهرن ۾ به پولنگ ٿي رهي آهي.