| آزاد ڪشمير ۾ احتجاج دوران اهلڪارن تي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، آفيسر زخمي، 4 اغوا |
مظفر آباد (م ڊ) آزاد ڪشمير ۾ پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج دوران فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ هڪ انٽيليجنس بيورو انسپيڪٽر زخمي ٿي پيو. جڏهن ته هڪ اهلڪار کي اغوا ڪرڻ جا اطلاع به آهن.آزاد ڪشمير ۾ هڪ پوليس آفيسر پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي بي بي سي کي ٻڌايو ته پابندي پيل عوامي ايڪشن ڪميٽي جا اهلڪار ڍڊيال شهر ڏانهن مارچ ڪري رهيا هئا ته اتي پوليس آفيسرن انهن کي روڪيو. مظاهرو ڪندڙن پوليس تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ انسپيڪٽر زخمي ٿيو. هن چيو ته جوابي فائرنگ ۾ احتجاج ڪندڙن مان هڪ شخص مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿيا. پوليس موجب مارجي ويل شخص آءِ بي آفيسر تي فائرنگ ڪئي. هن چيو ته هوائي فائرنگ ۽ لاٺي چارج جي نتيجي ۾ مظاهرو ڪندڙ منتشر ٿي ويا. پوليس آفيسر موجب پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ چار پوليس اهلڪارن کي راولاڪوٽ ۾ پابندي مڙهيل جماعت جمو ڪشمير جوائنٽ پبلڪ ايڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن اغوا ڪيو. انهن چيو ته پوليس اهلڪارن کي موڪل تان پنهنجي ڊيوٽي تي واپس اچڻ دوران يرغمال بڻايو ويو. بي بي سي موجب مظفر آباد ۾ 80 سيڪڙو دڪان ۽ بازار بند آهن. شهر ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند آهي، جڏهن ته مظفر آباد جي ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته شهر ۾ بازارون کليل آهن ۽ زندگي معمول مطابق هلي رهي آهي.