| آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪوٽلي تائين پکڙجي ويو، پوليس جي لٺبازي |
ڪوٽلي (م ڊ) آزاد ڪشمير جي ڪوٽلي ضلعي ۾ پابندي مڙهيل جوائنٽ پبلڪ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج دوران ڇڪتاڻ رهي. سموري ضلعي ۾ احتجاج ڪيو ويو. سينئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس عديل احمد مظاهرين سان چڪرين جي رپورٽن کي رد ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرون جعلي آهن. ڪجهه مظاهرين نڪتا هئا، جيڪي بعد ۾ پرامن طور تي منتشر ٿي ويا. بي بي سي موجب ڪوٽلي ۾ مقامي ماڻهن تصديق ڪئي ته پوليس خميس ڏينهن ڏينهن مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو. وڊيوز ۾ اهو ڏسي سگهجي ٿو ته شهر جي مرڪزي علائقي ۾ دڪان بند هئا، ڪجهه مظاهرين موجود هئا جڏهن ته پوليس جون گاڏيون پڻ علائقي ۾ گشت ڪري رهيون هيون. وڊيوز ۾ عورتن کي به احتجاج ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جن وٽ ڪشميري جهنڊا هئا. بي بي سي موجب پوليس آنسو گيس ۽ لاٺي چارج ڪيو. ڪوٽلي پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي هڪ ڇوڪري جي موت، عورتن جي مدرسي تي حملي ۽ عورتن جي اغوا بابت پکڙيل سڀئي خبرون بي بنياد آهن.