آزاد ڪشمير ۾ بدترين چونڊون ٿيون، شفافيت متاثر ٿي: پ پ

آزاد ڪشمير ۾ بدترين چونڊون ٿيون، شفافيت متاثر ٿي: پ پ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي سيڪريٽري جنرل سيد نير بخاري آزاد جمون ۽ ڪشمير جي تازين چونڊن کي رياست جي تاريخ جون بدترين چونڊون قرار ڏيندي الزام هنيو آهي ته حڪومتي بيانين ۽ اليڪشن ڪميشن جي انتظامي فيصلن سبب چونڊ عمل جي شفافيت سخت متاثر ٿي آهي. اسلام آباد ۾ آزاد ڪشمير جي وقتي صدر چوڌري لطيف اڪبر، آزاد ڪشمير پيپلز پارٽي جي صدر چوڌري ياسين ۽ پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل چن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد نير بخاري چيو ته وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله جي چونڊن کان اڳ واري بيان ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر پاران پولنگ کي مرحلن ۾ ڪرائڻ جي فيصلي سان ڌانڌلي جي شروعات ٿي. پيپلز پارٽي هميشه آزاد، منصفاڻين ۽ شفاف چونڊن جي حامي رهي آهي، پر انتظامي فيصلن ۽ سياسي بيانن چونڊ عمل جي ساک کي نقصان پهچايو. پونڇ ڊويزن ۾ ٻن مرحلن ۾ پولنگ ڪرائڻ ڌانڌلي جو نئون طريقو هو، جنهن سان انتظامي مداخلت جا امڪان وڌيا. ٻن مرحلن ۾ پولنگ ڪرائڻ جو مقصد ووٽر ٽرن آئوٽ ۽ نتيجن تي اثرانداز ٿيڻ هو، جيڪو جمهوري اصولن جي ابتڙ آهي. هن مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ان فيصلي جا سبب عوام آڏو آڻي ۽ مبينا بي ضابطگين جي غيرجانبدار جاچ ڪرائي. نديم افضل چن وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله جي انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، جن ۾ پيپلز پارٽي کي پابندي مڙهيل تنظيمن سان ڳنڍيو ويو هو. چوڌري لطيف اڪبر چيو ته آزاد ڪشمير جون چونڊون والاريل ڪشمير جي جدوجهد تي به سڌو اثر وجهن ٿيون، تنهن ڪري انهن جي شفافيت انتهائي اهم آهي. چونڊن دوران پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي منظم طريقي سان هراسان ڪيو ويو، تشدد جا واقعا پيش آيا ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي ووٽرن کي ووٽ وجهڻ کان روڪيو ويو.