| آزاد ڪشمير ۾ چونڊن کان اڳ پي ٽي آءِ جي رجسٽريشن درخواست رد |
مظفرآباد (م ڊ) آزاد ڪشمير ۾ 2026 جي چونڊن کان اڳ اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي رجسٽريشن جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف اليڪشن ڪمشنر آزاد ڪشمير پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ رجسٽريشن لاءِ درخواست جمع ڪرائي هئي. اليڪشن ڪميشن موجب درخواست جي جاچ پڙتال لاءِ هڪ آڊٽ آفيسر مقرر ڪيو ويو، جنهن جماعت جي مالي رڪارڊ ۽ اڪائونٽن جو جائزو ورتو. آڊٽ رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير پاران جمع ڪرايل مالي تفصيل اليڪشن رولز جي رول 121 جي گهرجن تي پورا نٿا لهن، ٻيهر جاچ باوجود رول 121 جي ڀڃڪڙي ۽ اڪائونٽن سان لاڳاپيل اعتراض برقرار رهيا. انهيءَ بنياد تي اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف ڪشمير جي رجسٽريشن جي درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو.