| آسمان مان ڪري وڻ ۾ اٽڪي ۽ ٻوٽن ۾ ڪري بچي وئي |
بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين ۾ هڪ 20 سالن جي عورت 18 هين منزل تان ٽپو ڏيڻ جي باوجود معجزاتي طور تي بچي وئي. چين جي شهر جياڪسنگ ۾ 20 سالن جي شيائوئي پنهنجي بواءِ فرينڊ سان جهيڙي کان پوءِ هڪ اپارٽمينٽ جي 18 هين منزل تان ٽپو ڏنو. عورت بنا ڪنهن سوچ ويچار جي ٽپو ڏنو ۽ خوش قسمتي سان ايتري اوچائي کان ڪرڻ جي باوجود بچي وئي. هوءَ هڪ وڻ تي ڪري ۽ پوءِ ٻوٽن ۾ ڪري پئي. اهو واقعو 12 جولاءِ تي پيش آيو ۽ عورت جي بواءِ فرينڊ فوري طور تي کيس اسپتال پهچايو ۽ طبي عملي کي علاج لاءِ 20,000 يوآن ڏنا. ڊاڪٽرن دريافت ڪيو ته شيائوئي جو مٿو، ڦڦڙن، جگر ۽ ٻيا حصا خراب ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻئي ٽنگون ٽٽي ويون آهن. هاڻي تائين، عورت جا ٻه آپريشن ٿي چڪا آهن ۽ ٽئين آپريشن لاءِ تياريون جاري آهن. هوش ۾ اچڻ کان پوءِ، شيائوئي ٽپو ڏيڻ جو سبب ٻڌايو. عورت موجب، هن واقعي کان اڳ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي بواءِ فرينڊ سان جهيڙو ڪيو هو ۽ ان سان تعلق ٽوڙڻ جو سوچي رهي هئي پر بواءِ فرينڊ سندس سڃاڻپ ڪارڊ ۽ موبائل فون کڻي ويو ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيو. عورت جي چاچي چيو ته منهنجي ڀائٽي کي سڄي رات جهڳڙو ڪرڻ کان پوءِ چڪر اچي ويا ۽ هن کي فليٽ مان نڪرڻ جو صرف هڪ رستو نظر آيو. عورت هاڻي پنهنجي فيصلي تي افسوس ڪري رهي آهي. عورت جي خاندان کي هاڻي طبي خرچن کي پورو ڪرڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن ۽ اسپتال جو بل 100,000 يوآن کان وڌي ويو آهي ۽ خاندان کي اسپتال کي 60,000 يوآن ادا ڪرڻا آهن. خاندان شيائوئي جي بواءِ فرينڊ کي ساڻس ملڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته انهن کي ڊپ آهي ته کيس ڏسڻ سان عورت ٻيو جذباتي فيصلو ڪندي. پوليس واقعي جي جاچ به ڪري رهي آهي ۽ خاندان جي مطابق، شيائوئي خوش قسمت آهي ته هوءَ سيمينٽ جي فرش جي بدران ٻوٽن ۾ ڪري پئي، ٻي صورت ۾ هوءَ بچي نه سگهي ها.