آسٽريا به ايران ۾ مظاهرن تي مبينا تشدد جي مذمت ڪري ڇڏي

آسٽريا به ايران ۾ مظاهرن تي مبينا تشدد جي مذمت ڪري ڇڏي

ويانا: آسٽريا جي پرڏيهي وزير بيٽ مينيل ريزنگر ايران ۾ احتجاج ڪندڙن تي ايراني سيڪيورٽي فورسز پاران پرتشدد ڪريڪ ڊائون تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي ميمبر جي حيثيت سان، ايران انساني حقن جي حمايت ۽ تحفظ جو پابند آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايران ۾ ڪيترن ئي هفتن کان آزادي جو نعرو گونجي رهيو آهي. وڏي تعداد ۾ ماڻهو بنيادي حقن، انساني وقار ۽ آزاديءَ سان جيئڻ جي حق لاءِ وڙهڻ لاءِ روڊن تي نڪري رهيا آهن. آسٽريا جي پرڏيهي وزير ايراني حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پنهنجين بين الاقوامي ذميوارين کي برقرار رکي.