موسمي تبديليءَ کي عام طور تي ماحول جو مسئلو سمجهيو ويندو آهي. جڏهن اسان موسمي تبديليءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ذهن ۾ وڌندڙ گرمي، ٻوڏون، برف جو ڳرڻ، برساتن جي بي ترتيبي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جهڙا مسئلا اچن ٿا. پر هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موسمي تبديليءَ کي رڳو ماحول تائين محدود نه سمجهيو وڃي. هي اسان جي معيشت، روزگار، ڪاروبار ۽ ماڻهن جي لڏپلاڻ جو به هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪي آهي. خاص طور تي پاڪستان جهڙن ملڪن ۾، جتي لکين ماڻهن جو روزگار زراعت، مال پالڻ، ننڍن ڪاروبارن ۽ روزاني مزدوريءَ سان ڳنڍيل آهي، اتي موسم ۾ ٿيندڙ تبديلي سڌي طرح ماڻهن جي آمدني ۽ روزگار کي متاثر ڪري رهي آهي.
گذريل ڪجهه سالن ۾ گرميءَ جي لهرن ۾ واضح اضافو ٿيو آهي. اونهاري ۾ گرمي نه رڳو وڌيڪ ٿي رهي آهي، پر ان جو عرصو به وڌي رهيو آهي. سخت گرميءَ ۾ کليل آسمان هيٺ ڪم ڪندڙ مزدور، تعميراتي ڪم ڪندڙ، ريڙهي هلائيندڙ، هاري ۽ ٻيا پورهيت گهڻو وقت ڪم نٿا ڪري سگهن. جڏهن گرمي 45 يا 50 ڊگري جي ويجهو پهچي ٿي ته ڪم ڪرڻ رڳو ڏکيو نه، پر صحت لاءِ خطرناڪ به ٿي وڃي ٿو. نتيجي ۾ ڪم جا ڪلاڪ گهٽجن ٿا، پيداوار گهٽجي ٿي ۽ روزاني ڪمائي تي گذارو ڪندڙ ماڻهن جي آمدني متاثر ٿئي ٿي. اهڙي طرح گرميءَ جي لهر ماحولياتي مسئلي سان گڏ روزگار جو مسئلو به بڻجي وڃي ٿي.
ٻوڏون ان بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائين ٿيون. پاڪستان ۾ ايندڙ وڏين ٻوڏن اسان کي اهو سمجهايو آهي ته پاڻي صرف گهر ۽ رستا تباهه نٿو ڪري، پر روزگار جا ذريعا به ختم ڪري سگهي ٿو. جڏهن فصل پاڻيءَ هيٺ اچي وڃن ٿا ته هاريءَ جي سڄي سال جي محنت ضايع ٿي وڃي ٿي. زمين سان گڏ ٻج، ڀاڻ، زرعي اوزار ۽ چوپايو مال به متاثر ٿين ٿا. ڳوٺن ۾ موجود ننڍا دڪان، ورڪشاپون ۽ ٻيا ڪاروبار به بند ٿي وڃن ٿا. هڪ فصل جي تباهي صرف زمين جي مالڪ کي نقصان نٿي پهچائي، پر ان سان گڏ زرعي مزدور، ٽرانسپورٽر، واپاري، دڪاندار ۽ زرعي شين سان لاڳاپيل ٻيا ڪيترائي ماڻهو به متاثر ٿين ٿا.
پاڻيءَ جي کوٽ به روزگار لاءِ هڪ خاموش خطرو بڻجي رهي آهي. سنڌ سميت پاڪستان جا ڪيترائي علائقا اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن هاريءَ کي وقت تي پاڻي نه ملي ته فصل جي پيداوار گهٽجي ٿي يا فصل مڪمل طور تي ناڪام ٿي سگهي ٿو. جڏهن زراعت ڪمزور ٿيندي ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ روزگار جا موقعا به گهٽ ٿيندا. هاري جيڪڏهن پنهنجي زمين مان مناسب آمدني حاصل نه ڪري سگهندو ته هو پنهنجي خاندان جي خرچن، ٻارن جي تعليم ۽ صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مشڪل محسوس ڪندو. اهڙي حالت ۾ ڪيترائي ماڻهو ڳوٺ ڇڏي شهرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ٿين ٿا.
هتي موسمي تبديلي ۽ لڏپلاڻ جو تعلق واضح ٿئي ٿو. ماڻهو هميشه بهتر زندگيءَ لاءِ شهرن ڏانهن نٿا وڃن؛ ڪڏهن انهن وٽ وڃڻ کان سواءِ ٻيو رستو ئي نه هوندو آهي. جڏهن ڳوٺ ۾ فصل نه رهي، پاڻي نه هجي، مال پالڻ مشڪل ٿي وڃي ۽ مزدوريءَ جا موقعا گهٽجي وڃن ته خاندان شهرن جو رخ ڪن ٿا. پر شهرن ۾ پهچڻ کان پوءِ هر ماڻهوءَ کي مناسب روزگار نٿو ملي. نتيجي ۾ غير رسمي مزدوري وڌي ٿي، گهٽ اجرت تي ڪم ڪرڻ وارن جو انگ وڌي ٿو، ڪچي آبادين تي دٻاءُ وڌي ٿو ۽ شهري سهولتن جا مسئلا وڌيڪ سنگين ٿين ٿا. اهڙي طرح ڳوٺ جو موسمي بحران شهر جو روزگار ۽ آباديءَ جو بحران بڻجي وڃي ٿو.
اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته موسمي تبديلي هر ماڻهوءَ کي هڪجهڙي نموني متاثر نٿي ڪري. غريب مزدور، ننڍا هاري، عورتون، نوجوان ۽ گهٽ وسيلن وارا خاندان وڌيڪ خطري ۾ آهن. هڪ وڏي ڪمپني نقصان کان پوءِ ٻيهر ڪاروبار شروع ڪري سگهي ٿي، پر هڪ ننڍي دڪاندار يا هاريءَ لاءِ هڪ ٻوڏ يا هڪ ناڪام فصل سندس سڄي جمع پونجي ختم ڪري سگهي ٿو. تنهن ڪري موسمي تبديلي معاشي اڻبرابريءَ کي به وڌائي سگهي ٿي.
هن بحران جو هڪ اهم پاسو نوجوانن جو مستقبل آهي. پاڪستان وٽ وڏي نوجوان آبادي موجود آهي، جنهن کي هر سال وڏي تعداد ۾ روزگار جي ضرورت آهي. جيڪڏهن روايتي شعبا جهڙوڪ زراعت، تعمير، ننڍي صنعت ۽ غير رسمي ڪاروبار موسمي خطرن سبب ڪمزور ٿيندا رهيا ته نوجوانن لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿيندو. ان ڪري اسان جي روزگار واري پاليسيءَ ۾ موسمي تبديليءَ کي شامل ڪرڻ ضروري آهي. اسان کي سوچڻو پوندو ته ايندڙ ڏهن يا ويهن سالن ۾ ڪهڙيون نوڪريون موسمي خطرن کان وڌيڪ متاثر ٿينديون ۽ ڪهڙن نون شعبن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا.
موسمي تبديلي صرف روزگار ختم ڪرڻ جو خطرو نه آهي؛ جيڪڏهن صحيح منصوبابندي ڪئي وڃي ته اها نون ڪاروبارن ۽ نئين روزگار جا موقعا به پيدا ڪري سگهي ٿي. دنيا ۾ هاڻي گرين بزنس يا ماحول دوست ڪاروبارن جو تصور تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. شمسي توانائي، بجلي بچائيندڙ اوزار، پاڻيءَ جي بچت، فضلي جي ٻيهر استعمال، ماحول دوست عمارتون، نامياتي زراعت، برقي ٽرانسپورٽ ۽ موسمي خطري کي گهٽائڻ واريون ٽيڪنالاجيون مستقبل جا اهم ڪاروباري شعبا بڻجي رهيا آهن.
پاڪستان ۾ شمسي توانائي جو شعبو نوجوانن لاءِ خاص طور تي اهم ٿي سگهي ٿو. سولر پينل لڳائڻ، انهن جي مرمت ۽ سار سنڀال، بيٽرين جي ٽيڪنالاجي ۽ توانائي بابت صلاح مشورا اهڙا شعبا آهن، جن ۾ هزارين نوجوانن کي تربيت ڏئي روزگار ڏنو وڃي سگهي ٿو. ساڳي طرح پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڊرپ ايريگيشن، برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ، پاڻي صاف ڪرڻ ۽ گهٽ پاڻي استعمال ڪندڙ زرعي طريقن سان لاڳاپيل ڪاروبار وڌي سگهن ٿا.
فضلو به هڪ وڏي ڪاروباري موقعي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. شهرن ۾ روزانو وڏي مقدار ۾ پلاسٽڪ، ڪاغذ، شيشو، کاڌي جو فضلو ۽ ٻيو ڪچرو پيدا ٿئي ٿو. جيڪڏهن ان کي صحيح نموني گڏ ڪري ٻيهر استعمال ڪيو وڃي ته نه صرف ماحول صاف ٿي سگهي ٿو، پر نوجوانن لاءِ ننڍا ڪاروبار ۽ روزگار به پيدا ٿي سگهن ٿا. ڳوٺاڻن علائقن ۾ زرعي فضلي ۽ جانورن جي فضلي مان ڀاڻ، بايو گيس ۽ توانائي پيدا ڪرڻ جا ڪاروبار به ترقي ڪري سگهن ٿا. پر اهي موقعا پاڻمرادو پيدا نه ٿيندا. ان لاءِ تعليم، فني تربيت، سرمائي ۽ حڪومتي سهڪار ضروري آهي. اسان جي يونيورسٽين ۽ فني ادارن کي نوجوانن کي صرف روايتي نوڪرين لاءِ تيار ڪرڻ بدران مستقبل جي گرين معيشت لاءِ به تيار ڪرڻ گهرجي. نوجوانن کي سولر ٽيڪنالاجي، پاڻيءَ جي انتظام، جديد زراعت، ريسائڪلنگ، گرين تعمير ۽ ماحول دوست ڪاروبار بابت عملي مهارتون ڏيڻ گهرجن. بينڪن ۽ مالي ادارن کي به اهڙن ننڍن ڪاروبارن لاءِ آسان قرض ۽ مالي سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن.
ساڳئي وقت هارين ۽ مزدورن کي موسمي تبديليءَ جي اثرن سان اڪيلو ڇڏڻ مناسب نه ٿيندو. فصلن جي انشورنس، موسمي آفتن کان پوءِ مالي مدد، متبادل روزگار جي تربيت ۽ ننڍن ڪاروبارن لاءِ آسان قرض اهڙا قدم آهن، جيڪي ماڻهن کي موسمي صدمن کان پوءِ ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. خاص طور تي انهن علائقن ۾، جتي ٻوڏ، ڏڪار يا سخت گرمي بار بار روزگار کي متاثر ڪري ٿي، اتي مقامي سطح تي متبادل روزگار جا منصوبا تيار ڪرڻ گهرجن.
مستقبل جو وڏو سوال صرف اهو نه آهي ته موسم ڪيتري تبديل ٿيندي، پر اهو به آهي ته ان تبديل ٿيندڙ موسم ۾ ماڻهو پنهنجو روزگار ڪيئن بچائيندا. جيڪڏهن هڪ هاري فصل وڃائي ٿو، هڪ مزدور سخت گرميءَ سبب ڪم نٿو ڪري سگهي يا هڪ خاندان پاڻيءَ جي کوٽ سبب پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ٿو ته اهو صرف ماحولياتي نقصان نه آهي. اهو معاشي ۽ سماجي نقصان به آهي. ان ڪري موسمي تبديليءَ کي روزگار جي پاليسي، نوجوانن جي تربيت، ڪاروباري ترقي ۽ معاشي منصوبابنديءَ سان ڳنڍڻ جو وقت اچي ويو آهي. اسان وٽ ٻه رستا آهن: يا ته موسمي تبديليءَ کي صرف قدرتي آفت سمجهي هر ٻوڏ ۽ گرميءَ جي لهر کان پوءِ نقصان ڳڻيندا رهون، يا ان کي مستقبل جي معيشت لاءِ هڪ اهم اشارو سمجهي نيون مهارتون، نوان ڪاروبار ۽ نوان روزگار پيدا ڪريون. جيڪڏهن اسان اڄ کان تياري ڪريون ته گرين معيشت نه رڳو ماحول کي بچائڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿي، پر نوجوانن لاءِ عزت ڀريو روزگار، ڳوٺاڻن علائقن لاءِ نئين آمدني ۽ ملڪ لاءِ هڪ وڌيڪ محفوظ معاشي مستقبل به پيدا ڪري سگهي ٿي.