آسٽريلوي اسٽار بيٽر ميڪسويل آءِ پي ايل کان راهون جدا ڪري ڇڏيون

آسٽريلوي اسٽار بيٽر ميڪسويل آءِ پي ايل کان راهون جدا ڪري ڇڏيون

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي آل رائونڊر گلين ميڪسويل انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.گلين ميڪسويل انسٽاگرام تي آءِ پي ايل کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو.پنهنجي پوسٽ ۾ آل رائونڊر لکيو ته ”ڪيئي يادگار سيزن کانپوءِ آءِ پي ايل نيلامي ۾ نالو نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، خوش نصيب آهيان جو ڪيئي ورلڊ ڪلاس رانديگرن سان گڏ کيڏڻ جو موقعو مليو.“گلين ميڪسويل چيو ته مان آءِ پي ايل ڪيريئر دوران ملندڙ سپورٽ تي سڀني جو ٿورائتو آهيان.