| آسٽريليا به ايراني حڪومت جي مذمت احتجاج جي حمايت ڪري ڇڏي |
ڪينبرا (م ڊ) آسٽريليا ايراني عوام جي حمايت ڪندي ايراني حڪومت کي ظالم قرار ڏنو آهي. پرڏيهي وزير پيني وانگ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پيغام ۾ چيو ته جيڪو اسان گذريل ڪجهه هفتن ۾ ڏٺو آهي اهو هڪ ظالم حڪومت هجڻ جو ثبوت آهي جيڪا اقتدار برقرار رکڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجن ئي ماڻهن خلاف تشدد ۽ ظالماڻي حڪمت عملي استعمال ڪري رهي آهي. ايراني حڪومت کي خطاب ڪندي پيني وانگ چيو ته، دنيا نه رڳو چاهي ٿي ته توهان پنهنجن ئي ماڻهن جو قتل عام بند ڪريو، پر هڪ اهڙي حڪومت جيڪا اقتدار لاءِ پنهنجن ئي ماڻهن کي مارڻ تي مجبور آهي، ان جو اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به جواز ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ايراني عوام تي حڪومت جي پرتشدد ڪريڪ ڊائون جي سخت مذمت ڪريون ٿا. مظاهرين جي قتل، طاقت جو استعمال ۽ غير قانوني گرفتاريون فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجن.