| آسٽريليا جا ڪراڙا پاڪستاني جهونن کان ورلڊ ڪپ کٽي ويا |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ۾ جاري اوور 40 ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي. اوور فورٽي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. پاڪستان اوور 40 ٽيم پهرين کيڏندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان فواد عالم 24 ۽ عبدالرزاق 19 رنسون اسڪور ڪيون. آسٽريليا جي مارڪ ڪليئري 5 وڪيٽون ورتيون، آسٽريليا هدف 19 اوورز ۾ ٽن وڪيٽن تي حاصل ڪري اوور 40 ورلڊ ڪپ جي جو فاتح بڻجي ويو.