آسٽريليا جو اڳوڻو ڪرڪيٽر ڊيمن مارٽن ڪوما ۾ هليو ويو

   آسٽريليا جو اڳوڻو ڪرڪيٽر ڊيمن مارٽن ڪوما ۾ هليو ويو

بريسبين (اسپورٽس نيوز)آسٽريليا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ڊيمين مارٽن کي نازڪ حالت ۾ برسبين جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ڊيمين مارٽن کي گردن ٽور بخار جي تصديق ٿي آهي ۽ هن وقت ڪوما ۾ آهي.54 سالن جو ڊيمين مارٽن ڪرسمس جي ڏينهن تي بيماري سبب ڪري پيو.ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ ڪرڪيٽرن ڊيمين مارٽن جي اوچتو بيماري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو ٽوڊ گرينبرگ چيو ته ڊيمين مارٽن جي بيماري بابت ٻڌي  ڏک ٿيو.اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ايڊم گلڪرسٽ چيو ته ڊيمين مارٽن برسبين جي هڪ اسپتال ۾ بهترين علاج حاصل ڪري رهيو آهي.