آسٽريليا دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي، جنهن 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن تي سوشل ميڊيا ايپس جي استعمال تي بندش هڻي ڇڏي آهي. ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام، اسنيپ چيٽ، ايڪس ۽ فيس بڪ سميت ڪيترن ئي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز مان ٻارن جي اڪائونٽس کي ختم ڪيو ويو آهي. حڪومت چيو آهي ته ان سان ٻار بدتميز، آپي کان ٻاهر، نشئي ۽ والدين بي وس بڻجي ويا آهن، معاشرو تباهه ٿي رهيو آهي. ان ڪري اهو قدم کنيو آهي. تعليمي ماهرن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته اهڙين سرڪاري پابندين سان ٻار غير منظم پليٽ فارمز ڏانهن ڌڪجي ويندا ۽ اسان ان کي روڪي به نه سگهنداسين. جڏهن ته پابندي جي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي ٻارن پنهنجي تصوير جي جاءِ تي پنهنجي والدين يا 16 سالن کان وڏي عمر جي گهر وارن جا فوٽو ڏئي وري اڪائونٽ کي ايڪٽو ڪري ورتو آهي ۽ ان عمل کي ڪير روڪيندو، ان لاءِ ڪهڙو قانون جوڙيو ويو آهي، ان تي ڪير ڳالهائڻ لاءِ تيار ئي ناهي. ان تي آسٽريلوي وزير اعظم انٿوني البانيس چيو ته اهو قانون معاشري جي ڪمزور ماڻهن جي حفاظت لاءِ آهي. ۽ عالمي اڳواڻ ان ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن.
آسٽريليا جي ان قدم کانپوءِ پوري يورپ جي حڪومتن اهڙا قدم کڻڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. برطانيا، آمريڪا، ڊنمارڪ، يونان ۽ فرانس جي سياستدانن صلاح ڏني آهي ته تمام جلد هو به ان معاملي کي ڪنٽرول ڪري وٺندا. جاپان ۽ انڊونيشيا ۾ عوامي بحث شروع ٿي ويا آهن. يونيورسٽي آف سڊني جي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن جي استاد سونيا ليونگسٽون ۽ لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس جي پروفيسر ليزا ديون جو چوڻ آهي ته هاڻ آسٽريلوي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سائنس يا ميٿ جا سبجيڪٽ به اسڪول انتظاميا جي نگراني ۾ سوشل ميڊيا ذريعي هلايا ويندا، ان تي ٻارن جو ڪو اختيار ئي نه هوندو. يورپ ۾ ٻارن اسڪولن ۾ پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي، رڳو پنهنجي دلچسپين ۾ گم ٿي ويا آهن.
اصل ۾ اها پابندي ليکڪ جونٿن هيڊٽ جي ڪتاب The Anxious Generation واري معاملي تان شروع ٿي، جنهن جون 2 ملين ڪاپيون وڪرو ٿي ويون آهن. ڪتاب اسمارٽ فونز جي نوجوانن کي ذهني مريض بڻائڻ جو ذميدار قرار ڏئي رهيو آهي. ان تي سياستدانن گوڙ ڪيو ۽ ڪجهه ماڻهو عدالت هليا ويا. پر فيصلو حڪومت ڪري ڇڏيو، جنهن تي ڪيترن ئي ٻارن جي والدين چيو آهي ته هو ان فيصلي خلاف وري عدالت ويندا. ڇو جو هن وقت پين ۽ ڪاغذ جو دور ختم ٿي ويو آهي ۽ سوشل ميڊيا جي ڪيترن ئي پليٽ فارمز تان انهن جا ٻار پڙهائي به ڪري رهيا آهن، ان ڪري قانون ۾ تبديليون ضروري آهن. جڏهن ته مسٽر هيڊٽ ان قانونسازي کي ”گيم چينجر“ قرار ڏنو آهي. ملائيشيا اعلان ڪيو آهي ته هو آسٽريلوي قانون جي پيروي ڪندو. ڊنمارڪ سوشل پليٽ فارمز کي 15 سالن جي عمر تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي. يورپي پارليامينٽ سوشل ميڊيا لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر لاءِ هڪ غير پابند قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڪيو آهي. ان جي صدر ارسولا وان ڊيرلين چيو آهي ته اسان آسٽريلوي تجربي جي نگراني ڪري رهيا آهيون. پوءِ به ان حوالي سان بحث هلي رهيو آهي ته ان پابنديءَ کي ڪهڙي طريقي سان بهتر ڪري سگهجي ٿو. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اهو والدين جو مسئلو آهي. انهن کي خدشو آهي ته قانونسازي تي پابنديون غير موثر ثابت ٿينديون. شهري آزادي متاثر ٿيندي. ڀڃڪڙيون ٿينديون. آسٽريلوي گروپ ويٽ ميٽ جي ايمي فريڊلينڊر جو چوڻ آهي ته، ”اسان ان نئين قانون جا حامي آهيون. پر والدين يا ٻارن کي هوائي سروس کان روڪڻ لاءِ ”نه“ به نه ٿا ڪري سگهون.آسٽريليا جي پارليامينٽ، والدين جي عالمي تحريڪ، اسڪولن جي اجلاسن، بارز، باربيڪيوز ريسٽورنٽ ۽ هوٽلن سميت هر هنڌ تي بس اهو ئي بحث هلي رهيو آهي. ڪجهه ماڻهن کي اها ثقافتي تبديلي نظر اچي رهي آهي. ڪيترا ماڻهو چون ٿا ته ان سان سگريٽ نوشي، شراب، جوئا کان اسان جا ٻار بچي ويندا، جيڪا سهولت ان سوشل ميڊيا انهن کي فراهم ڪئي هئي. ”آن لائين سيفٽي ترميم“ جي نالي سان آيل بل تي فون ڪمپنين عمل نه ڪيو ته انهن کي اي 49 ملين يا 22 ملين آمريڪي ڊالرن جو ڏنڊ پئجي سگهي ٿو، قانون تي عمل سان ڪيترن ئي صارفين جا انسٽاگرام ۽ فيس بڪ تان پاسپورٽ، پيدائشي سرٽيفڪيٽ، بينڪ اڪائونٽ نه ڏيڻ سبب اڪائونٽ بند ڪيا ويا آهن. جڏهن ته يوٽيوب تي هن وقت به 16 سالن جي عمر وارا ٻار ان کي استعمال ڪري رهيا آهن. ڪيترن ئي ٻارن پنهنجي والدين يا گهر وارن جي نالن سان آء ڊيز ٺاهي سوشل ميديا جو استعمال شروع ڪيو آهي، ان کي روڪڻ لاء ماهرن سان صلاح مشورا شروع ڪيا ويا آهن. سوشل ميڊيا ٽوڊي جي بچنسن چيو آهي ته هاڻ ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪس يا وري 4Chan، Discord، Bluesky ۽ Roblox پليٽ فارمز ان پابندي کان آجا آهن. اصل ۾ اينٽي پوڊين نوجوان يوپ ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ هڪ نئين فوٽو شيئرنگ ايپ جيڪا ”جنرل Z “ طرفان تيار ڪئي وئي آهي، اوڏانهن وڃي رهيا آهن.
آمريڪا ۾ آسٽريلوي فيصلي جي آجيان ڪئي وئي آهي. بروڪ شينن، آسٽن ٽيڪساس ۾ Wait Until 8th جو باني چئي ٿو ته اسان جي 53 رياستن لاءِ اها هڪ يادگار تبديلي آهي، فلوريڊا 2 سال پهرين اهڙي پابندي مڙهي پيو پر ان کي محدود ڪيو ويو، نوجوان چون پيا ته ان سان اسان جي روزاني واري زندگي زهر بڻجي ويندي. ان ئي تضاد ان قانون کي عالمي سطح تي بحث جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اڄ جو نوجوان پي وي اين، عمر بدلائڻ، والدين جي ڊيٽا استعمال ڪرڻ جا طريقا سکي ورتا آهن.آمريڪا ۾ ڪيترين ئي رياستن TikTok تي پابندين جو جائزو ورتو آهي، پر قومي سطح جي پابندي ممڪن ناهي۔ والدين ۽ ماهرن جي وچ ۾ بحث شديد آهي ته ڇا يورپ يا آسٽريليا جهڙو سخت قدم کڻڻ گهرجي؟ ملائيشيا اڳ ۾ ئي اعلان ڪيو آهي ته هو 17 سال کان گهٽ عمر وارن لاءِ ساڳي پابندي تي ڪم ڪري رهيو آهي۔ فلپائن ۽ سنگاپور “الگورٿم ڪنٽرول” تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. چين کي “سخت ڪنٽرول ماڊل” سمجهيو وڃي ٿو، ۽ ڪيترائي ملڪ ان کي هڪ حد تائين نقل ڪرڻ چاهين ٿا. عرب دنيا ۾ ڪويت، سعودي، ۽ يو اي اي ۾ اسڪولن ۾ فون تي پابنديو آهن پر ٻاهر سوشل ميڊيا عام آهي ۽ پابنديءَ جو تصور مقبول ناهي. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سوشل ميڊيا نوجوانن جي ڪاروبار، تعليم، تفريڄ جو وڏو حصو آهي، اتي به قانون آهن پر انهن تي عمل ڪڏهن ناهي ڪيو ويو.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا دماغ ۾ ڊوپامين وڌائي ٿو، اها عادت لت بڻجي ٿي، لت کي صرف “قانون” سان روڪڻ ممڪن ناهي. ٻارن جا رابطا اسڪول کان شروع ٿين ٿا، ايپس کان نه ٿا ٿين. هاڻ هو اڻ سڃاتل ايپس ڏانهن منتقل ٿي سگهن ٿا. اهو مستقبل جو تمام وڏو خطرو آهي. ڊارڪ نيٽ ورڪس، گمنام ايپس، بند گروپن طرف ڌڪينديون، جيڪي وڌيڪ خطرناڪ آهن۔ ماهرن مطابق سٺو حل اهو آهي الگورٿم تي ضابطو، حفاظتي فلٽر، عمر جي تصديق لاءِ سخت قانون، والدين جي ڊجيٽل سکيا ۽ نوجوانن لاءِ ميڊيا لٽريسي/ تعليم شروع ڪرائي وڃي.پاڪستان ۽ هندستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ مذهبي ۽ سياسي نالي تي ڪيتريون ئي پابنديون لڳنديون آهن پر سماج ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ يورپ جيان ڪو قدم ناهي کنيو ويندو. سنڌ سميت پاڪستان ۾ اسان جي ٻارن جو مستقبل مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي. هر ٻار جي هٿ ۾ موبائل فون ۽ ان جا مختلف ايپس آهن. انهن اسڪول وڃڻ بجاءِ ان کي ئي پنهنجو مستقبل سمجهي ورتو آهي. والدين انهن آڏو بي وس ٿي ويا آهن، حڪومت خبر هوندي به ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار ئي ناهي. اسڪولن ۾ امتحانن ۾ به استاد پاڻ واٽس ايپ تي ڪاپي ڪرائي رهيا آهن. ڪلاس رومن ۾ به استاد ٻارن کي انگن اکرن وارو کوڙو ياد ڪرائڻ بجاءِ موبائل تي حساب حل ڪرائڻ لاءِ چوندا آهن. ان سان استاد ۽ ٻارن ۾ محنت ختم ٿي وئي آهي ۽ جيڪو معاشرو جڙي رهيو آهي، ان جا اڳتي هلي خطرناڪ نتيجا نڪرندا، تيستائين يورپ الائي ٻيا ڪيترا قدم کڻي پنهنجي ٻارن جي مستقبل کي بهتر ڪري وٺندو.
آسٽريليا جو تجربو عالمي سطح تي هڪ “ليبارٽري” جي حيثيت رکي ٿو۔ جڏهن ته ضرورت اسان جهڙن ملڪن ۾ تمام گهڻي آهي، جتي سوشل ميڊيا ذريعي ٻارن کي گمراهه ڪيو ٿو وڃي، ۽ دهشتگرد به ان ئي سوشل ميڊيا کي استعمال ڪري رهيا آهن. پورنو گرافي وارا به اهوئي ٿا استعمال ڪن ۽ مذهبي تنظيمون ته هاڻ ان کانسواءِ هلي به نه ٿيون سگهن، پر حڪومت ان تي غور ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي. ان ڪري جيڪڏهن پابندي ناڪام ٿي ته ٻين ملڪن کي خبر پئجي ويندي ته سخت رويا ڪم نٿا ڪن ۽ ڌيان ٽيڪنالاجيءَ جي ذميواري ۽ والدين جي سکيا تي ويندو ۽ جيڪڏهن ڪامياب ٿي ته ملائيشيا، ڪئناڊا، يورپ ۽ ٻين ملڪن لاءِ نئون رستو کلي سگهي ٿو پر موجوده حالتون ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سوشل ميڊيا سان جنگ، ڪاغذن تي نه، پر سماج جي اندر وڙهڻي پوندي.