آسٽريليا جي سيڪيورٽي ٽيم انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ لاهور پهچي وئي

آسٽريليا جي سيڪيورٽي ٽيم انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ لاهور پهچي وئي

لاهور (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ٽيم جي پاڪستان دوري لاءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سيڪيورٽي ٽيم انتظامات جو جائزو وٺڻ لاءِ لاهور پهچي وئي، ذريعن موجب سيڪيورٽي ٽيم معمول جي دوري دوران ميچن وارن وينيوز جو جائزو وٺندي، جنهن ۾ قذافي اسٽيڊيم، اين سي اي ۽ ايل سي سي اي گرائونڊ شامل آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي ٽيم کي پي سي بي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان بريفنگ پڻ ڏني ويندي.آسٽريلوي ٽيم ايندڙ مهيني جي آخر ۾ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان ايندي.ذريعن موجب، ٽي ٽوئنٽي سيريز جون ٽئي ميچون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.