| آسٽريليا جي مرد ٽينس اسٽار رانديگرياڻي کي شڪست ڏئي ڇڏي |
ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي نڪ ڪرگيوس عورتن جي عالمي نمبر ون آرينا سبالينڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب نڪ ڪرگيوس مردن ۽ عورتن جي گڏيل نمائشي ميچ ۾ آرينا سبالينڪا کي سڌن سيٽن ۾ 3-6، 3-6 سان شڪست ڏني. مرد ۽ عورت رانديگر جي وچ ۾ هي منفرد نمائشي ميچ دبئي ۾ ٿي، جيڪا سڄي دنيا جي ڌيان جو مرڪز رهي.