آسٽريليا پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

آسٽريليا پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان جي دوري لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندڙ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت مچل مارش ڪندو.آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ شين ايبٽ، زيوئير بارليٽ، ماهلي بئيرڊمين، ڪوپر ڪنولي، بين ڊارشيوس، جيڪ ايڊورڊز ۽ ڪئمرون گرين شامل آهن.ان کانسواءِ ٽريوس هيڊ، جوش اينگلس، ميٿيو ڪهنيمن، مچل اوون، جوش فلسپ، ميٽ رينشا، ميٿيو شارٽ، مارڪوس اسٽوئنس ۽ ايڊم زمپا به آسٽريلوي اسڪواڊ جو حصو آهن.پاڪستان خلاف سيريز لاءِ ماهلي بئير ۽ جيڪ ايڊورڊز کي پهريون ڀيرو اسڪواڊ شامل ڪيو ويو آهي، ميٽ رينشا به ٽي ٽوئنٽي ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪندو. ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل پيٽ ڪمنز، جوش هيزل ووڊ، ٽِم ڊيوڊ کي فٽنيس جي بحالي لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو ويو آهي