آسٽريليا ۾ انگلينڊ جي بيٽرن جي بيٽنگ بند، ٽين ايشز ٽيسٽ ميچ ۾ به ڪينگروز ڪامياب

آسٽريليا ۾ انگلينڊ جي بيٽرن جي بيٽنگ بند، ٽين ايشز ٽيسٽ ميچ ۾ به ڪينگروز ڪامياب

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ايشز سيريز جي ٽين ميچ ۾ به انگلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ٽين ميچ ۾ آسٽريليا انگلينڊ کي 82 رنسن تان شڪست ڏني، ڪينگروز طرفان مليل 435 رنسن جي هدف جي جواب ۾ انگلش ٽيم 352 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. انگلينڊ جو آخري 4 وڪيٽون 144 رنسن جي اضافي سان ڪريون. جيمي اسمٿ 60، ول جيڪس 47، جوفرا آرچر 3 ۽ جوش ٽنگ هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا. برائڊن ڪارس 39 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪينگروز جي اسٽارڪ، ڪمنس، ليون ٽي ٽي ۽ اسڪاٽ بولينڊ هڪ وڪيٽ ورتي. اليڪس ڪيري مين آف دي ميچ رهيو. واضح رهي ته آسٽريلوي ٽيم پهرين اننگز ۾ 371 ۽ ٻي اننگز ۾ 349 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 286 رنسون ٺاهيون هيون. آسٽريليا 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي سرسي ماڻي ورتي، سيريز جي چوٿين ٽيسٽ 26 ڊسمبر کان ميلبورن ۾ کيڏي ويندي.