| آسٽريليا ۾ يهودين جي مذهبي تقريب ۾ دهشتگردي، فائرنگ، 12 ڄڻا مارجي ويا، 37 زخمي |
سڊني(م ڊ) آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ سمنڊ ڪناري هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو سڊني جي بونڊي پيچ تي پيش آيو، جتي ٻن هٿياربندن شهرين جي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 37 زخمي ٿيا. آسٽريلوي پوليس واقعي کي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو ته مارجي ويلن ۾ هڪ فائرنگ ڪندڙ به شامل آهي، جڏهن ته ٻئي حملي آور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو يهودين جي تهوار جي تقريب دوران پيش آيو، فائرنگ کانپوءِ پوليس علائقي جو گهيرو ڪري ورتو ۽ مقامي آبادي کي بيچ کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي. هوڏانهن آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيز واقعي تي ”تڪليف ڏيندڙ“ قرار ڏيندي چيو آهي ته هي دهشتگردي جو واقعو آهي جنهن ۾ يهودين کي نشانو بڻايو ويو. مارجي ويل حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ مان هارون مونس طور ٿي آهي. جڏهن ته زخمي جوابدار جو نالو نويد اڪرم ٻڌايو پيو وڃي. آسٽريليا جي مسلمانن جي تنظيم ان حملي جي مذمت ڪئي آهي.
| ميوو وڪڻندڙ پورهيت دهشتگرد کي پڪڙي سوين جانيون بچائي ويو |
سڊني: پنهنجي جان خطري ۾ وجهي حملو ڪندڙ کي پڪڙيندڙ شهري هيرو بڻجي ويو. آسٽريلوي ميڊيا موجب حملي واري هنڌ موجود هڪ شهري بهادري سان هڪ حملي آور کي پڪڙيو ۽ سندس هٿيار کسي ورتو، جنهن سان ڪيترن ئي ماڻهن جون جانيون بچي ويون. آسٽريلوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هن بهادر شهري جي سڃاڻپ 43 سالن جي احمد ال احمد جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو سڊني ۾ هڪ دڪان تي ميوو وڪڻندو آهي ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهي. رپورٽ موجب حملي آور کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش دوران احمد کي ٻہ گوليون لڳيون. هو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي جتي سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. هن واقعي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ احمد کي حملي آور کي قابو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. استعمال ڪندڙ احمد جي بهادري جي تعريف ڪري رهيا آهن ۽ آسٽريليا جي ميڊيا ۾ کيس هيرو سڏيو پيو وڃي.
ڀارتي ميڊيا پاڪستاني نسل جي بيگناهه نوجوان کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو
ڪراچي: ڀارتي ميڊيا آسٽريليا ۾ دهشتگردي جي واقعي کي به پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندي هڪ بيگناهه پاڪستاني نوجوان کي ملوث قرار ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا ان نوجوان جن تصويرون به هلايون جنهن سان سندس سيڪورٽي خطري ۾ پئجي وئي آهي.