آسٽريليا ۾ ڪرڪيٽرن سان جنسي زيادتي ڪندڙ ڪرڪيٽر جي راند کيڏڻ تي پابندي

آسٽريليا ۾ ڪرڪيٽرن سان جنسي زيادتي ڪندڙ ڪرڪيٽر جي راند کيڏڻ تي پابندي

ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي ڊوميسٽڪ ٽيم نيو سائوٿ ويلز جي هڪ ڪرڪيٽر تي نوجوان رانديگرن سان جنسي زيادتي جو الزام لڳڻ کان پوءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لڳائي آهي. سڊني مارننگ هيرالڊ جي هڪ رپورٽ موجب رانديگر جيڪو نيو سائوٿ ويلز ۽ هڪ ٽي 20 ٽيم جي نمائندگي ڪري ٿو جي رجسٽريشن هڪ هنگامي بورڊ اجلاس ۾ ختم ڪئي وئي. پوليس معاملي جي حساسيت کي ڏسندي شڪايت جي جاچ ڪري رهي آهي، پر ڪو به الزام نه لڳايو ويو آهي. ڪرڪيٽ نيو سائوٿ ويلز جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته رانديگر کي ان رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. سڊني مارننگ هيرالڊ ٻڌايو ته شڪايت سڊني گريڊ ڪلب جي هڪ رانديگر پاران ڪئي وئي هئي.