| آسٽريليا_ انگلينڊ ايشز سيريز جي چوٿين ميچ ۾ اڄ آمهون سامهون |
ميلبرن (اسپورٽس ڊيسڪ) اڄ جمعي ڏينهن کان آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ايشز ٽيسٽ سيريز جي چوٿين ميچ ۾ مهاڏو اٽڪائيندا. ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ميزبان آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون ايشز سيريز جي چوٿين ٽيسٽ ۾ دوبدو هونديون. سيريز ۾ آسٽريليا کي واضح برتري آهي ۽ آسٽريليا جي ٽيم سيريز پنج ٻڙيءَ تان کٽي ڪلين سئيپ ڪرڻ تي نظرون ڄمائي ورتيون آهن. ڇاڪاڻ ته سيريز جون شروعاتي 3 ميچز آسٽريليا کٽي چڪي آهي، جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم رهيل ٻه ميچز کٽڻ يا بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪندي.