| آسڪر ۾ فلسطيني جي حق ۾ نعري تي پريانڪا حيران |
لاس اينجلس(ڪلچرل ڊيسڪ) آسڪر ايوارڊ جي تقريب ۾ اسپيني اداڪار پاران فلسطين جي حق ۾ هنيل نعرو ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ اسپيني اداڪار هاويئر بارڊيم فلسطين جي حق ۾ نعرو بلند ڪيو. هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته 23 سالن کانپوءِ اسان ايران سان هڪ غير قانوني جنگ ۾ آهيون، اداڪار هاويئر بارڊيم پاران نعرو هڻڻ وقت بالي ووڊ جي سندري پريانڪا چوپڙا روسٽرم تي موجود هئي. هاويئر پاران فلسطين جي حق ۾ نعرو هڻڻ وقت پريانڪا جي چهري جا تاثر بدلجي ويا،سندس خاموش رد عمل چهري مان صاف ظاهر هو. وڊيو ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪاره کي خبر نه هئي ته جاويئر ڇا چوڻ وارو آهي؟ پريانڪا مجبور ٿي مسڪراهٽ وارو پوز ڏنو.