آشيانه هائوسنگ ڪيس: نيب وزيراعظم کي بي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو

مَي 20, 2023

لاهور(مانيٽرنگڊيسڪ)نيب وزيراعظم کي آشيانه هائوسنگ ڪيس ۾ بي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو

قومي احتساب بيورو لاهور جي احتساب عدالت ۾ آشيانه هائوسنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهبازشريف کي بي ڏوهي قرار ڏيڻ جي استدعا ڪري ڇڏي

نيب جو چوڻ آهي ته آشيانه هائوسنگ اسڪيم جي حوالي سان وزيراعظم تي لڳايل الزام ثابت ناهن ٿي سگهيا ۽ نه وري هن جي ڪا ان حوالي سان بدنيتي سامهون آئي آهي

نيب جو چوڻ آهي ته آشيانه هائوسنگ اسڪيم جي حوالي سان شهباز شريف تي قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جي الزام جي حوالي سان به ڪا شاهدي ناهي ملي

قومي احتساب بيورو جو چوڻ آهي ته فواد حسن فواد تي رشوت وٺڻ جو الزام به ڪوڙو ثابت ٿيو آهي

نيب عدالت کي ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهبازشريف تي آشيانه هائوسنگ اسڪيم جي حوالي سان لڳايل الزام ثابت ناهن ٿيا جنهن جي ڪري هن کي بي ڏوهي قرار ڏنو وڃي .

Leave A Comment