| آصفه ڀٽو زرداري جو بحرين جي ثقافتي ۽ تاريخي زندگي جو مشاهدو |
منامه (م ڊ) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري منامه ۾ بحرين نيشنل ميوزيم ۽ پرل ميوزيم جو دورو ڪيو. انهي موقعي تي انهي سان گڏ بحرين جي هائوسنگ اينڊ اربن پلاننگ جي مملڪتي وزير آمنه بنت احمد الرميحي موجود هئي. ميوزيم پهچڻ تي ڊائريڪٽر جنرل ميوزيمز اينڊ ڪلچر فرح محمد مظفر ۽ ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشنز اينڊ پارٽنرشپس علي بهزاد خاتون اول جو استقبال ڪيو. انهي موقعي تي آصفه ڀٽو زرداري کي ٻنهي ميوزيمز جو تفصيلي دورو ڪرايو ويو جتي بحرين جو شاندار ثقافتي ورثو، تاريخي ۽ قديم تهذيبي روايتن کي موثر انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ميوزيم ۾ بحرين جي عالمي شهرت يافته سامونڊي زندگي ۽ موتين بابت روايت کي به نمايان ڪيو ويو آهي. آصفه ڀٽو زرداري پرجوش مهمان نوازي ۽ بحرين جي ثقافتي، تاريخي خزانن جو مشاهدو ڪيو. هن قومي ورثي جي تحفظ ۽ تاريخ جي حفاظت جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اها سڃاڻپ، اتحاد ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهي.