آصفه ڀٽو پ پ اميدوارن جي چونڊ مهم لاءِ ڪنڊياري پهچي وئي

فيبروري 1, 2024

ڪنڊياري(رپورٽر) شهيد بينظير جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري پ پ اميدوارن جي چونڊ مهم لاءِ ڪنڊياري پهچي وئي، ڪارڪنن پاران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي

 پيپلزپارٽي جي اميدوارن لاءِ چونڊ مهم جاري آهي، آصفه ڀٽو جي اڳواڻيءَ پيپلزپارٽي جي ريلي ڪنڊيارِي پهچڻ تي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي

ان موقعي تي  آصفه ڀٽو ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا ماڻهو تير تي ٺپو هڻي بلاول کي وزيراعظم بڻائين، بلاول جي وزيراعظم ٿيڻ سان ملڪ خوشحال ٿيندو، 3 سئو يونٽس تائين بجلي مفت ڪري ڇڏينداسين

Leave A Comment