آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ عورت پروفيسر مبينا هراسان: ڊين تي الزام
آڪٽوبر 30, 2023
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ماتحت اداري بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ مبينا طور 19 هين گريڊ جي عورت اسسٽنٽ پروفيسر کي ڊين طرفان هراسان ڪرڻ جو انڪشاف
عورت اسسٽنٽ پروفيسر صوبائي متحسب جي عورتن کي هراسان ڪرڻ واري سيل ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
تفصيل موجب لاڙڪاڻي جي بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ماتحت اداري بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ 19 هين گريڊ طور اسسٽنٽ پروفيسر خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڪراچي واسڻ پروفيسر شمائلا شيخ طرفان صوبائي متحسب جي عورتن کي هراسان ڪرڻ واري سيل ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن يونيورسٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر سيد يوسف شاهه تي گذريل ٽن سالن کان مسلسل هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي
ان حوالي سان اسسٽنٽ پروفيسر شمائلا شيخ چيو آهي ته 3 سالن کان مسلسل پروفيسر يوسف شاهه مون کي مختلف طريقن سان هراسان ڪري رهيو آهي، پروفيسر يوسف شاهه جو گهڻو برداشت ڪيو، مان پنهنجي شاهدن سان گڏ عدالت ۾ وڃي چڪي آهيان، جتي ڪيس وڙهنديس ۽ ان لاءِ وڌيڪ ثبوت به عدالت ۾ پيش ڪنديس
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي داخل درخواست جي صوبائي محتسب جي عورتن جي هراسمينٽ سيل ڪراچي ۾ ٻڌڻي ٿيندي، مون کي عدالت تي يقين آهي ته مون سان انصاف ٿيندو
ڊين پاران شمائلا جا الزام سازش قرار، ڀرپور دفاع ڪندس: يوسف شاهه
لاڙڪاڻو: الزام هيٺ آيل ڊين ڊينسٽري پروفيسر ڊاڪٽر سيد يوسف شاهه ڊاڪٽر شمائلا شيخ جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي
سندس چوڻ آهي ته منهنجي خلاف سازش ڪئي وئي آهي، مان عدالت ۾ لڳايل الزامن جو جواب ڏئي پنهنجو ڀرپور دفاع ڪندس.