آصف زرداري جون هدايتون، امتياز شيخ بجلي بحال ڪرائڻ لاءِ نڪري پيو

جُولاءِ 1, 2023

لاڙڪاڻو (رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 5 ڏينهن کان بجلي بند هجڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، آصف علي زرداري پاران صوبائي وزير امتياز شيخ کي بجلي جي بحالي واري ڪم جي پاڻ نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

آصف علي زرداري جي هدايت تي صوبائي وزير امتياز شيخ ڳڙهي ياسين پهچي ويو، صوبائي وزير سان گڏ سي اي او سيپڪو سعيد ڏاوچ ۽ ٻين ڊويزنن مان به سيپڪو جو عملو گهرايو ويو

صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته آصف علي زرداري جون هدايتون آهن ته واپڊا اختيارين کان جيڪا به مدد گهرجي اها ورتي وڃي

امتياز شيخ چيو ته آصف علي زرداري هدايت ڪئي آهي ته اڄ شام تائين هر صورت ۾ بجلي بحال

ڪئي وڃي

Leave A Comment