آصف زرداري جو افغانين جي حمايت ۾ ڏنل بيان پارٽي پاليسي ناهي: عاجز ڌامراھه

نومبر 10, 2023

ڪراچي: پ پ سنڌ جي اطلاعات واري سيڪريٽري  عاجز ڌامراھه آصف زرداري جي افغانين بابت ڏنل بيان کي پارٽي پاليسي نه ھُجڻ قرار ڏئي ڇڏيو

ٽائيم نيوز جي رپورٽر جڏهن عاجز ڌامراهه کان سوال ڪيو ته اوھان جي قيادت چوي ٿي ته افغاني ويچارا ڪيڏانهن ويندا ته ڇا اُھي ڪراچي ۾ ئي رھڻ گھرجن؟

جنهن تي عاجز ڌامراهه جواب ڏنو ته افغانين جي حوالي سان اھا پارٽي پاليسي ناھي ته اھي اتي رھن، افغانين سميت سمورن غير قانوني رھندڙ پرڏيھين کي فوري واپس اماڻيو وڃي

Leave A Comment