آصف زرداري جي ويجھي ساٿي غلام قادر مري جي خاندان ۾ ٻيهر اختلاف

مارچ 25, 2025

ٽنڊوالهيار(رپورٽ: نياز خاصخيلي) ٽنڊوالھيار جي ضلعي جي مشھور شخصيت صدر آصف علي زرداري جي ويجھي ساٿي غلام قادر مري جي خاندان ۾ اختلاف ھڪ دفعو ٻيھر شروع ٿي ويا، يونين ڪاؤنسل دريا خان مري جي چيئر مين راڻو خان مري خلاف ضلعي ڪائونسل جي ميمبر شھداد خان مري پارٽي جي اعلا قيادت سميت ٻين ادارن کي انڪوائري لاءِ خط لکي ڇڏيو ، اهو خط سوشل ميڊيا تي وائرل پڻ ڪيو ويو آهي اهو خط ضلعي ڪائونسل جي ميمبر بلاول ڀٽو ذرداري چيئرمين نيب اينٽي ڪرپشن لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري پوليس کاتي ڊي سي ٽنڊوالھيار کي اماڻيون ويو آهي خط جي متن ۾ يوسي چيئرمين راڻو مري يونين ڪائونسل جي فنڊن ۾ ڪرپشن ڪري ملڪيتون ٺاھيون آھن، ادارا جانچ ڪن يوسي چيئرمين راڻو خان مري سندس باءِ ڪيترن ئي ماڻھن جي زمينن تي قبضا ڪري علائقي ۾ ھٿيارن جي نمائش ڪري رھيا آھن، خط۾ وڌيڪ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته يوسي چيئرمين ھن وقت ھڪ سو کان مٿي ايڪڙ  زمينن جو مالڪ آھي ان کانسواءِ ٻيون به سندس جائدادون آھن ادارا جانچ ڪن ته ھن آھي، ملڪيتون ڪٿان ٺاھيون آهن جڏهن ته خط جي متن ۾ يوسي چئرمين تي اهو به الزام هنيو ويو آهي ته راڻو خان غير قانوني عمل پيپلز  پارٽي جي اڳواڻ حاجي علي زرداري جي نالي تي ڪري رھيو آھي، خط جي آخر ۾ صدر آصف علي ذرداري چيئرمين بلاول ڀٽو ذرداري ء حاجي علي حسن ذرداري کي ضلعي ڪائونسل جو ميمبر شهداد مري اپيل ڪندي لکي ٿو ته راڻي مري خلاف ايڪشن وٺن ھو پيپلز پارٽي کي نقصان ڏئي رھيو آھي.  خط بابت رابطو ڪرڻ تي شهزاد مري تصديق ڪندي چيو ته منهنجو لکيل خط سچو آهي يوسي چئرمين راڻومري هڪ ڪرپٽ چئرمين آهي جيڪو 6 هزار رپيا ڊيٿ سرٽيفڪٽ جا وٺي ٿو لاتعداد شڪايتن بعد اهو خط لکيو اٿم.

شھداد مري خط لکي مون کي بليڪ ميل ڪري  رهيو آهي: راڻو خان مري

ٽنڊو الهيار: شهداد خان مري جي الزامن بابت يوسي چيئرمين راڻو مري چيو آهي ته شهزاد مري منهنجو سئوٽ آهي، هن جي لکيل خط ۾ڪا صداقت نه آهي هو ڪوڙو خط لکي مون کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، منهنجي خلاف انڪوائري ڪئي وڃي جي جيڪڏهن آئون ڏوهاري آهيان ته مون کي سزا ملڻ گهرجي ۽ جي اگر مون مٿان لڳايل الزام ڪوڙا ثابت ٿين ته شهزاد مري خلاف پارٽي قيادت قدم کڻي.

Leave A Comment