| آصف زرداري سرفراز بگٽي سان ناراض، ملاقات کان انڪار؟ |
اسلام آباد(م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير جي تبديلي وارو معاملو خبرن جي زينت بنجڻ کان پوءِ بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي نجي دوري تي دبئي پهچي ويو. نجي ٽي وي موجب ذريعن ٻڌايو ته سرفراز بگٽي دبئي ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات جون ڪوششون ڪيون، هن آصف علي زرداري سان ملاقات جو وقت گهريو. پ پ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته صدر آصف علي زرداري سرفراز بگٽي سان فوري ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب سرفراز بگٽي ملاقات جي لاءِ ڪجهه ڏينهن دبئي ۾ ئي قيام ڪندو. پ پ بلوچستان جي ناراض ايم پي ايز به بلوچستان جي وڏي وزير بابت صدر آصف علي زرداري کي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي.