لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري دبئي کان لاهور پهچي ويو آهي جتي هو مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو، ڪيترائي اڳواڻ مختلف پارٽين کان پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪندا
ذريعن موجب آصف زرداري معمول جي طبي چڪاس لاءِ بلاول هائوس کان اسپتال پهچي ويو جتي سندس ضروري ٽيسٽون ڪيون وينديون
آصف زرداري اسپتال ۾ چڪاس بعد چوڌري شجاعت سان ملاقات ڪندو، بلاول هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪري ملڪي صورتحال تي مشاورت ڪندو
ذريعن موجب آصف زرداري پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندڙن سان ملاقات ڪندو ۽ رات جو 8وڳي انهن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندو