آصف زرداري لاهور ۾ موجود: ڏکڻ پنجاب جون اهم سياسي شخصيتون پ پ ۾ شامل

جُون 1, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ)اڳوڻو صدر آصف علي زرداري لاهور ۾ موجود آهي جٿي ڏکڻ پنجاب جي اهم سياسي شخصيتن پاران پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويو آهي

پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان بلاول هائوس لاهور ۾ ڏکڻ پنجاب جي سياسي اڳواڻن  رسول بخش جتوئي، قطب فريد، شمشير مزاري، قائم علي شمسي ۽ ٻين ملاقات ڪئي ۽  پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ان موقعي تي آصف زرداري پاران پ پ ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻن جي آجيان ڪئي وئي آهي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان اڄ به بلاول هائوس ۾ مختلف سياسي شخصيتون ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪنديون

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام