آصف زرداري پاڻ ڪئنالن جا آرڊر ڏنا، ھاڻي پ پ منھن لڪائي رهي آهي: زين شاهه
اپريل 22, 2025
راڻيپور(ن پ ا) درياءُ بچايو ڪاميٽي جي سربراهه سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌو درياءَ سان محبت ڪندڙ ڪھڙي به ٻولي وارو ھجي، اھو اسان جو حصو آھي، وڪيل عامر وڙائچ جنھن کي سنڌي به نٿي اچي پر ھو سنڌ وطن سان محبت ڪري ٿو ته سنڌ جو ھر ماڻھو کيس پيار ڏئي ٿو، پنجاب جي اسٽبليشمينٽ کي ڪئنال رد ڪرڻا پوندا، هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي ماڻھن جو شعور ڏسي مخالف بوکلائجي ويا آھن، سنڌ جي ماڻھن جو سنڌو درياءَ سان پيار ۽ جذبو ڏسي وفاق کي ڏينھن جا تارا ياد اچي ويا آھن، ڪئنال ڪينسل ڪرڻ جو ڪريڊٽ ڪير به کڻي ڪو به فرق نٿو پوي، اسان کي ڪئنال رد ڪرڻ جا نوٽيفڪيشن کپن، هن چيو ته پ پ ن ليگ سان گڏ آھي صلاح مصلحت ۾ گڏ آھن، آصف زرداري پاڻ ڪئنالن جا آرڊر ڏئي چڪو آھي، ھاڻي عوام جي سجاگي جي ڪري رد عمل کي ڏسي پ پ منھن لڪائڻ خاطر ڪئنال رد ڪرڻ لاءِ جلسا ڪري رھي آهي، ڪئنالن سان گڏ ڪارپوٽريٽ فارمنگ پڻ حڪمرانن کي رد ڪرڻيون پونديون، ڇو ته سنڌ جو ساھ درياءُ آھي سڪڻ نه ڏينداسين، هن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي کي خبر نه ھئي ته سنڌ مان ايڏو وڏو آواز اٿندو، ھنن سمجھيو ته وزير، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز اسان سان گڏ آھن ته ھنن سمجھيو ته عوام اسان سان گڏ آھي پر ھنن کي خبر پئجي وئي ته سنڌ جو ماڻھو پنھنجي مسئلن تي اٿي کڙو ٿئي ٿو، هن چيو ته ڪئنالن کي سنڌي عوام رد ڪيو آھي، انهن جي خاتمي تائين خاموش نه ويهنداسين.