آصف زرداري گهوڙو وٺي ڏئي: معصوم نينگر جي معصوماڻي فرمائش: وڊيو وائرل

جُولاءِ 19, 2023

دولتپور صفن (رپورٽ: پيرل پلي) دولتپور صفن جي رهواسي نينگر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان معصوماڻي فرمائش ڪري ڇڏي، سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

دولتپور صفن جي امين شاھ ڪالوني جو رهواسي نرسري جو شاگرد ارسلان سولنگي وڊيو ۾ چئي رهي آهي ته آصف زرداري هڪڙو گهوڙو ڏئي وڃ، آئون پنڌ نٿو ڪري سگهان، او منهنجا يار، مان چڪر کائيندس

وڊيو تي فيس بڪ جي صارفين پاران مختلف دلچسپ تبصرا پڻ سامھون آيا آهن، سوشل  ميڊيا تي ماڻهن پاران چيو ويو ته آصف زرداري هن معصوم نينگر جي فرمائش پوري ڪري ۽ کيس گهوڙو وٺي ڏئي

اهو به چيو ويو ته آصف زرداري نينگر جي فرمائش پوري ڪندو ته وٽس ڪا کوٽ نه ايندي، نينگر کي گهوڙو وٺي ڏئي

Leave A Comment