آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ 19 فيبروري تي طلب

جنوري 10, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر کي هڪ دفعو ٻيهر نوٽيس جاري، 19 فيبروري تي پيش ٿيڻ جي هدايت، ڪالهه ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عبدالغني مجيد ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، ڪالهه  اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر پيش نه ٿيا، عدالت پاران پڇاڻو ڪرڻ تي سندن وڪيل فاروق ايڇ نائڪ جواب ڏيندي چيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس نه مليا آھن، جنهن تي عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 19 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Comment