آغا سراج دراني کي شوڪاز نوٽيس جاري
آڪٽوبر 31, 2023
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ آغا سراج دراني کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو
آغا سراج دراني سنڌ هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت منظور ٿيڻ بعد نيب عدالت آڏو سرينڊر نه ڪيو هو
جسٽس ظفر راجپوت رمارڪس ۾ چيو ته عدالتي حڪم باوجود آغا سراج دراني پاڻ کي نيب عدالت آڏو سرينڊر ڇو نه ڪيو؟ پهرين توهان ان ڳالهه جو جواب ڏيو پوءِ ضمانت جو فيصلو ڪيو ويندو
عدالت سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني کان 8 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو