آغا شهمير جي گرفتاري لاءِ ڇاپا، خاص ٽيمون قائم، ڀيڻيوو گرفتار

آغا شهمير جي گرفتاري لاءِ ڇاپا، خاص ٽيمون قائم، ڀيڻيوو گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن ۾ رٽائرڊ ايس پي آغا اصغر جي پٽ آغا شهير ۽ ايف بي آر انسپيڪٽر شهمير لاشاري وچ ۾ جهيڙي دوران شهمير لاشاري جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي جاچ جاري آهي، پوليس ذريعن موجب مرڪزي جوابدار آغا شهير جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته سندس بلوچستان فرار ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. جوابدار جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون به جوڙيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آغا شهير جو والد رٽائرڊ ايس پي آغا اصغر به نامعلوم هنڌ منتقل ٿي ويو آهي ۽ سندس موبائل نمبر به بند آهي. پوليس آغا اصغر جي ڌيءَ جي گهر تي به ڇاپو هنيو، جنهن دوران سندس ناٺي مظهر سهتو کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو هن وقت جيل ۾ آهي. هوڏانهن ڪيس ۾ نامزد آغا شهير جي ماءُ جو وڊيو بيان به سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سندس پٽ سان گاڏي جي معمولي ٽڪر تي چار ڄڻن جهيڙو ڪيو، تشدد ۽ فائرنگ ڪئي. سندس چوڻ هو ته “منهنجو پٽ جان بچائي گهر پهتو، حالت خراب هئي، هن ٻڌايو ته مون کي ماريو ويو آهي. 10 کان 15 منٽن بعد دروازي جي گهنٽي وڳي، هو ٻاهر ويو پر واپس نه آيو. هن وڌيڪ چيو ته کيس خبر ناهي سندس پٽ ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي دشمني سبب اهڙو واقعو پيش آيو، جڏهن ته ميڊيا ۾ به اسان خلاف خبرون هلايون پيون وڃن، سنڌ حڪومت مدد ڪري، منهنجو پٽ بازياب ڪرايو وڃي.