| آغا شهير کي پرڏيهه فرار ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ايف آءِ اي کي خط: منهنجو پٽ گم آهي: آغا اصغر |
ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن ۾رٽائرڊ ايس پي آغا اصغر جي پٽ آغا شهير جي فائرنگ ۾ ايف بي آر انسپيڪٽر شهمير لاشاري جي زخمي ٿيڻ وارو معاملو، 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس آغا شهير کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي، ايس ايس پي انويسٽيگيشن جوابدار آغا شهير کي پرڏيهه فرار ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ايف آءِ اي اميگريشن کي خط لکي ڇڏيو ، خط ۾ آغا شهير جو نالو پي اين آءِ آيل لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. ڪالهه مرڪزي جوابدار آغا شهير جي والد رٽائرڊ ايس پي آغا اصغر جو موقف به سامهون اچي ويو. رٽائرڊ ايس پي موجب آغا شهير سان فارچيونر سوار 4 ڄڻن جهيڙو ڪيو، هنن منهنجي پٽ تي تشدد ڪيو، شراب جي بوتل ٽوڙي سيني تي هنئي، هن چيو ته منهنجو پٽ گهر پهتو ته کيس زخم هئا، آغا شهير گهر مان نڪتو ته واپس نه موٽيو، منهنجو پٽ خبر ناهي ڪٿي آهي؟ پوليس آغا شهير جي گاڏي شڪارپور مان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي منهنجي پٽ کي بازياب ڪرائي. واضح رهي ته 23 اپريل تي گاڏين جا سائيڊ مرر ٽڪرائجڻ تان جهيڙو ٿيو هو، گوليون لڳڻ سبب ايف بي آر انسپيڪٽر شهمير لاشاري زخمي ٿيو هو، جيڪو هن وقت علاج هيٺ آهي، واقعي جو ڪيس شهمير لاشاري جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪلفٽن ٿاڻي تي داخل آهي. پوليس آغا شهير کي فرار ٿيڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ٽن ڄڻن آغا طاهر، آغا مصدق ۽ مظهر علي کي گرفتار ڪري چڪي آھي.